ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر ) مقبول باقر شاهه فيصل ٽائون ڪورنگي ۾ اربع ڏينهن تعمير هيٺ عمارت ڪرڻ سبب 5 حياتيون ضايع ٿيڻ جو سخت نوٽيس وٺندي ڊائريڪٽر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) سميت 4 آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. اربع ڏينهن شاهه فيصل ڪالوني ۾ پلاٽ نمبر 1191 بلاڪ 5 تي 80 گز تعمير هيٺ عمارت ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿيا هئا. وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس بي سي اي کان سوال ڪيو ته هنن پلاٽ تي اڏاوت جي اجازت ڪيئن ڏني؟ جيڪڏهن اهڙين اڏاوتن ۾ انساني جاني نقصان جو خطرو هو ته ان جي اجازت ڇو ڏني وئي ۽ اهڙي ڪنهن به قسم جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي. معطل ڪيل آفيسرن ۾ ڊائريڪٽر ايس بي سي اي ڪورنگي سيد محمد ضياءَ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وسيم راجا ٿهيم، سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر تنوير خان ۽ بلڊنگ انسپيڪٽر خرم رضوان شامل آهن. هوڏانهن وڏي وزير جي حڪم تي ايس بي سي اي ڪورنگي جي شاهه فيصل ٽائون ۾ 80 گز جي بلاڪ نمبر 5، پلاٽ نمبر 1191 تي عمارت ڊهي پٽ ٿيڻ جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
-
چين جو فلسطين ۾ انساني صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار
بيجنگ (م ڊ) چين فلسطين ۾ انساني صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار اظهار ڪيو آهي. چيني خابرو اداري مطابق چيني حڪومت جي وچ اوڀر بابت خاص نمائندي زائيجون فلسطين جي اول نائب پرڏيهي وزير امل جادوسان فلسطين، اسرائيل تڪرار تي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دورنا انساني صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته چين فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري تڪرار جي شدت تي انتهائي رنجيده آهي، جنهن جي ڪري بيگناهه شهرين جون جانيون ضايع ٿيون آهن