حيدرآباد/ ڪنڌڪوٽ (نمائندن وٽان) قومي عوامي تحريڪ بلڙي شاھ ڪريم، ڪنڌڪوٽ پاران سارين جو اگهھ گھٽ ملڻ ۽ ڪٽوتي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، مرڪزي ترجمان اشرف پليجو، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي، رمضان رند، پنھل سولنگي رضوان ملاح، اسماعيل سومرو ۽ آبادگار اڳواڻ زاھد رند ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن سرڪاري اسپتال جي مين گيٽ کان پيادل مارچ ڪري شھيد بلو پنھور چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، سجاول حيدرآباد روڊ مڪمل بند ٿي وڃڻ ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڏي تعداد ۾ گاڏيون بيھجي ويون، قومي عوامي تحريڪ ضلعي ڪشمور صدر فدا حسين محمداڻي ارصلاح بھلڪاڻي، سجاد بروھي علي مراد سبزوئي، امجد علي ملڪ، غلام رسول گولو، غلام نقي سھرياڻي غلام شبير جاگيراڻي رحمت الله ڇڄڻ، شاھد سھرياڻي، اعجاز بجاراڻي، ڊاڪٽر قدرت الله باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ھارين ۽ آبادگارن گھنٽا گھر کان ريلي ڪڍي ڊي سي ڪشمور آفيس آڏو پڻ ڌرڻو ھنيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي الطاف خاصخيلي چيو ته وڏا واپاري ۽ ڪارخانيدار ھٿرادو سارين جو اگھه گھٽائي هارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن، زرعي ڀاڻ، دوائون تيل ۽ ٻيا خرچ تمام مهانگا آهن پر جڏهن فصل لهن ٿا ته انهن جا هٿرادو اگھه ڪيرايا وڃن ٿا، جنهن ڪري آبادگار ۽ هاري ڪنگال ٿي ويا آهن، نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن جي ڪري فصلن کي وڏو نقصان ٿئي ٿو، مرڪزي ترجمان اشرف پليجي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ فصل سٺا لھن ٿا ته ھٿ وٺي انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. آبادگارن ۽ ھارين کي فائدو ڏيڻ بدران ٺيڪيدار مافيا کي نوازيو وڃي ٿو، ھاڻ ڪڻڪ جي پوکي ٿي رھي آھي، جڏھن فصل لھندو ته ڪڻڪ جو بارداڻو آبادگارن بدران واپارين کي وڪرو ڪيو ويندو، انور نوحاڻي، رمضان رند، پنھل سولنگي، آباد اڳواڻ زاھد رند، اسماعيل سومرو ،ڪامريڊ يوسف ڪنڀار خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن سنڌ جي زراعت کي تباھي ڪناري پھچائي ڇڏيو آھي، بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.