ميرپور بٺوري ۾ سارين جي اگهه ۾ لاٿ خلاف آبادگار سراپا احتجاج

ميرپوربٺورو( رپورٽ امتياز علي سومرو)  ميرپوربٺورو  ۽ آسپاس ۾ سارين جي واپارين پاران سارين جي اگهن ۾ في مڻ تي 1500 تائين گهٽتائي ڪرڻ ۽ موائسچر سميت مختلف بهانن سان ڪٽوتيون ڪرڻ خلاف مقامي آبادگارن  ڪاشف اعجاز خواجه، لطيف اڪبر شاھ، واحد پرهياڙ ، ساگر مجيد پرهياڙ جي اڳواڻي ۾ ميرپوربٺورو جي علي بندر چوڪ کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي آبادگارن سان زيادتيون بند ڪريو، واپارين جون زيادتيون نامنطور جا نعرا هڻي مين بس اسٽاپ تي نٽهڻ اس ۾ حيدرآباد سجاول جي مين روڊ تي ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب سجاول بٺورو روڊ مڪمل بلاڪ ٿي ويو ۽ ڪراچي، حيدرآباد، دڙو، سجاول ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي آبادگارن ڪاشف اعجاز خواجه چيو ته آبادگارن جي مسلسل احتجاج باوجود انتظاميا اڃان تائين سجاڳ نه ٿي آهي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سجاول، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپوربٺورو سميت لاڳاپيل عملدار ڪوبه تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار نه آهن، هن چيو ته واپارين پاران آبادگارن جو کلي عام استحصال ڪندي سارين جي اگهن ۾ رڪارڊ لاٿ ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب سارين جي فصل جي پوکائي جو به خرچو نٿو نڪري سگهي هوڏانهن عوامي تحريڪ پاران سڀاڻي 13 آڪٽوبر تي ميرپوربٺورو ۾ سارين جي اگهن ۾ لاٿ خلاف احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪيو ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.