ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ سنڌ محمد اقبال ميمڻ جي صدارت هيٺ گهرو کاتي ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آءِ جي پوليس سنڌ، ڊي جي ايف آءِ سنڌ، آرمي ۽ رينجرز آفيسر، آءِ ايس آءِ، ملٽري اينٽيجيلنس ۽ ٻين ادارن جا آفيسر شامل هئا، اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ خاص ڪري سنڌ مان غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ اها ڳالهه اجلاس ۾ طئي ٿيو ته ڪنهن به صورت ۾ غير قانوني پرڏيهين کي سنڌ۾ رهڻ نه ڏنو ويندو، سومر16 آڪٽومبر تي هڪ اهم اجلاس ٿيندو،گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جي قيادت ۾ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، ڪاميٽي ۾ ايڊيشنل چيف سيڪرٽري ، انسپيڪٽر جنرل آف سنڌ پوليس، ڊپٽي ڊي جي پاڪستان رينجرز سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي پوليس اسپيشل برانچ، برگيڊيئر آئي ايس هيڊ ڪوارٽر 5 ڪور، جوائنٽ ڊي جي انٽيليجنس بيورو آف سنڌ، ڊائريڪٽر جنرل نادرا سنڌ ڪراچي، ڊائريڪٽر ايف آئي اي سنڌ ڪراچي، ريپرينزيٽو، ايم آئي، ريپرينزيٽو ڪمشنر افغان ريفيوجي سنڌ جا ميمبر شامل هوندا.