حيدرآباد /هوسڙي (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي ڌارين جي آباد ڪاري خلاف 15 آڪٽومبر تي حيدرآباد ۾ نسيم نگر کان پريس ڪلب تائين پر امن ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ جسقم جي چئيرمين صنعان قريشي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ گذريل وڏي عرصي کان ڌارين جو بار برداشت ڪري رهي آهي، ڌاري آبادڪاري سبب سنڌ بدامني جي ور چڙهي وئي آهي، شهري گهرن توڙي دڪانن تي محفوظ نه آهن، ڌاري آبادڪاري سبب سنڌي قوم اقليت ۾ تبديل ٿي رهي آهي، ڌاري آبادڪاري بابت سپريم ڪورٽ واضع حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ان ڪري سنڌ ۾ غيرقانوني رهندڙ سمورن ڌارين کي بنا دير پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن ڪڍيو وڃي. هن چيو ته اسين سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بشيرخان قريشي جي عدم تشدد واري سياست جا پيروڪار آهيون، اسان جي ريلي پرامن هوندي. هن سنڌ جي شهرين کي اپيل ڪئي ته ڌاري آبادڪاري خلاف پرامن ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ٻڌي جو ثبوت ڏئي. هوڏانهن ھوسڙي لڳ جتوئي پمپ تي جسقم چيئرمين جو گو افغاني گو ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ بروھي برادري جي معززين سان ملاقات ڪئي،هن مشھور ٽرانسپورٽر مرحوم حاجي واصل خان بروھي جي فرزند يار جان بروھي۽ سنڌ بروھي اتحاد ڊويزن حيدرآباد جي صدر محمد رمضان بروھي سان سندس پٽ مرحوم محمد ايوب بروھي جي وفات تي ڏک جو اظھار ڪندي ساڻن تعزيت ڪئي ۽ پندرهن آڪٽومبر تي رٿيل نسيم نگر قاسم آباد کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين گو افغاني گو ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني صنعان قريشي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ مان افغانين سميت ڌارين جي لوڌ خلاف سنڌي ماڻھن کي نڪرڻ گھرجي ٻئي طرف بچل شورو موڙ ٽنڊو محمد خان روڊ تي مير محمد شورو ۽ نصير بروھي کٿڙاسٽيشن تي آفتاب ملاح ۽ ابراھيم ملاح ۽ سيري ۾ سائين بخش برفت ۽ آصف پنھور جسقم چيئرمين مٿان گل نڇاور ڪندي سنڌ جي ثقافت اجرڪون اوڍايون ،اطھر سومرو ديدار شام اشرف ڪلھوڙو غلام نبي کٽي نواب بڙدي ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.