ڪراچي: هٿياربندن جي فارم هائوس تي 25 ڄڻن کان ڦرلٽ

ڪراچي (رپورٽر ) گڏاپ ٽائون ۾ خانگي فارم هائوس ڀرسان پڪنڪ  لاءِ آيل ڪيترن ئي شهرين کان ڦر لٽ ڪئي وئي، رابطو ڪرڻ تي  ايس ايڇ او اوگڏاپ زوار حسين ٻڌايو ته اربع جي رات گوليمار جا 20 کان 25 نوجوان شهر ۾ پڪنڪ لاءِ آيا هئا ته الجنت فارم هائوس وٽان ڪجهه مفاصلي تي 2 موٽرسائيڪل تي سوار 5 هٿياربندن هٿيارن جي زور تي ڪوسٽر کي روڪي ڦرلٽ ڪئي، هن چيو ته ڪوسٽر ۾ 20 کان 25 نوجوان سوار هئا، اڻڄاتل هٿياربندن سمورن نوجوانن کان موبائيل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦري ورتو، ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته واقعي کانپوءِ ڀرپاسي جي ڳوٺ جا رهواسي وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ گڏ ٿي ويا ۽ هٿياربندن جوابدارن کي پڪڙڻ لاءِ سندن پٺيان ڊوڙي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ 22 ورهين جو نبيل بخش پير ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جڏهن ته هٿياربند جوابدار بلوچستان طرف فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته اطلاعن موجب هٿياربندن وڏي تعداد ۾ هٿيارن سان ليس هئا ۽ بلوچستان مان واقعي کي انجام ڏيڻ لاءِ آيا هئا. ڪو به شهري ٿاڻي نه آيو، جاچ جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.