قاضي فيض محمد جي ياد ۾

تحرير: پروفيسر منتصر مامون

قاضي فيض محمد ۱۹۰۸ع ۾ هالاڻيءَ جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل مڊل ڪلاس گهر ۾ جنم ورتو. هالاڻي، نوشهرو فيروز ضلعي اندر هڪ ننڍڙو شهر آهي، جيڪو ارڙهين صديءَ ڌاري سنڌ جو ڪيپيٽل هو. LLB جي سند حاصل ڪرڻ سان ئي هو سياست ۾ تمام متحرڪ ٿي ويو. هن ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي غريب هارين جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ پوءِ جلدي هن جي سڃاڻپ هارين جي ليڊر طور ٿيڻ لڳي. ان کانپوءِ هن عوامي ليگ جي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو پر اها خبر نه ٿي پوي ته اهو ڪهڙو سن هو، جڏهن هن عوامي ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. قاضي فيض محمد ون پونٽ ٽوڙائڻ ۾ تمام مک ڪردار ادا ڪيو، هن سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ڇپجڻ ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو ۽ شاگردن جي اهڙي جدوجهد ۾ پاڻ کي به شامل ڪري ڇڏيو. جيل اسپتال ۾ هو مرڻ گهڙين جي تمام ويجهو اچي چڪو هو. جنرل يحيٰ ذوالفقار علي ڀٽو کي نياپو ڏئي قاضي فيض محمد ڏانهن موڪليو ته هو ان کي اها خاطري ڪرائي ته سندس مطالبن کي مڃيو ويندو پر قاضي فيض محمد، ڀُٽي صاحب کي اهو چيو ته هو پنهنجي هڙتال تيستائين ختم نه ڪندو، جيستائين مطالبا مڃڻ جو اعلان نه ٿو ٿئي. جڏهن ريڊيو تي ون يونٽ ٽٽڻ ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ٺهڻ جو اعلان ٿيو، تنهن کان پوءِ وڃي قاضي فيض محمد پنهنجي بک هڙتال ختم ڪئي.

يقينًا مغربي پاڪستان ۾ عوامي ليگ جي سرگرمين بنگابنڌو کي متاثر ڪيو. بنگابنڌو جي نياڻيءَ شيخ حسينه واجد هڪ دفعي چيو هو ته، قاضي فيض محمد بنگالي هجي ها اگر هو سنڌي نه هجي ها. قاضي فيض محمد، سنڌي ادب ۾ پنهنجو مقام رکي ٿو. هن ڪل اٺ ڪتاب لکيا، جن ۾ ٽي ناول ۽ سندس جنم ڪٿا اچي ٿي. هو ۱۳ آڪٽوبر ۱۹۸۲ تي گذاري ويو.

قاضي فيض محمد ۱۹۷۱ع ۾ ڍاڪا آيو ته جيئن بنگابنڌو جون NAP سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ سندس معاونت ڪري سگهي. هن ۳۲ دهان سنڊيءَ ۾ ۲۴ مارچ تي ملاقات ڪئي. ان بعد حالتون خراب ٿي ويون. بنگا بنڌو هن کي هڪدم ڍاڪا ڇڏي وڃڻ لاءِ چيو يا ٻي صورت ۾ هن جو ڍاڪا ۾ رهڻ جو بندوبست ڪيو ويندو. هن کي اهو به ٻڌايو ته تاج الدين ۽ قمر زمان سرحد پار ڪري گهڻي ڀاڱي ويا هوندا، جڏهن ته هو ليڊر آهي، ان ڪري ڀڄي وڃڻ کان گرفتار ٿيڻ کي ترجيح ڏيندو. ٻئي ڏينهن قاضي فيض محمد ڪولمبو ذريعي ڪراچيءَ روانو ٿي ويو.

۱۹۷۰ع ۾ قاضي فيض محمد، آصف زرداريءَ جي والد خلاف مقابلو ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو قاضي فيض سان ملڻ لاءِ نوابشاهه هن جي گهر ترسيو ۽ چيائين ته هو پارليامينٽ واري سيٽ هن کي ڏيندا، اگر هو اليڪشن تان هٿ کڻي ۽ عوامي ليگ ڇڏي. قاضي فيض محمد سندس اهڙي آڇ کي خاطر ۾ ئي نه آندو. هڪ ٻيو عظيم رهنما، جي ايم سيد پڻ اليڪشن ۾ بيٺو هو، جنهن کي پڻ ذوالفقار علي ڀٽو ساڳي آڇ ڪئي هئي. سيد پڻ سندس اهڙي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. ….. قاضي فيض محمد اها اليڪشن نه کٽي سگهيو. پاڪستان جو ليکڪ علي محمد راشدي لکي ٿو ته، ڪيترائي ليڊر عوامي ليگ لاءِ قطار لڳائي بيٺا هئا، ڇو ته کين پڪ هئي ته عوامي ليگ اقتدار ۾ ايندي، پر پوءِ سواءِ هڪڙي ماڻهوءَ جي ٻيا سڀ ڀڄي ويا. اهو هڪڙو ماڻهو هو قاضي فيض محمد. انهن خطرناڪ ڏينهن ۾ قاضي فيض محمد ۽ ماسٽر خان گل هڪڙو گڏيل بيان جاري ڪيو ته مشرقي پاڪستان جا سڀ مطالبا مڃيا وڃن.

۱۹۷۲ع ۾ قاضي فيض محمد پنهنجي ليڊر سان ملڻ لاءِ راولپنڊي ويو، پر جيئن ته بنگابنڌو جي اڏام جو ٽائيم اوچتو اڳتي ڪيو ويو، ان ڪري هو هن سان ڪو نه ملي سگهيو. پر پوءِ ڀٽي صاحب کيس نياپو ڏئي لنڊن موڪليو. قاضي فيض محمد اهو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو. ان نياپي ۾ اهو ته، ڇا بنگلا ديش ۽ پاڪستان ۾ ڪو رشتو رکون؟ ….. اسان سڀني کي ڄاڻ هوندي ته بنگابنڌو ان جي جواب ۾ ڇا چيو هوندو.

قاضي فيض محمد حمودالرحمان ڪميشن ۾ پنهنجي شاهدي بنگلاديش جي حمايت ۾ ڏني هئي. ۱۹۷۳ع ۾ هن پنهنجي زال سان گڏ پاڪستان ڇڏڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو، هن پنهنجي زمين وڪرو ڪئي ۽ پئسا جمع ڪيا. ڀٽو ان وقت اقتدار ۾ هو. حڪومت قاضي فيض محمد کي جهاز مان لاٿو. ۶۵ سالن جو پوڙهو شخص ان قدم تي سخت رنجيده ٿيو. ان بعد هن اڪيلي سر وڃڻ جو فيصلو ڪيو، هو لڪي بارڊر ڪراس ڪري هندستان پهتو، جتي هن کي حراست ۾ ورتو ويو. هن چيو ته هو بنگابنڌو جو دوست آهي. هندستان حڪومت هن جو بندوبست ڪيو ته جيئن هو ڍاڪا وڃي سگهي. هن بنگابنڌو سان ملاقات ڪئي. بنگابنڌو هن کي چيو ته اگر هو ڍاڪا رهڻ چاهي ۽ بعد ۾ پنهنجي ٻارن کي گهرائڻ چاهي ته ان ڏس ۾ گهربل انتظام ڪيا ويندا يا ٻي صورت ۾ بنگلاديش حڪومت سندس لنڊن وڃڻ جو سڀ خرچ برداشت ڪندي.

قاضي فيض محمد ڍاڪا ۾ ٿوڙو وقت رهڻ کان پوءِ ڪابل هليو ويو، جتان هو افغان پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ پوءِ اتان لنڊن هليو ويو. هو لنڊن ۾ هڪ سال رهيو ۽ پوءِ واپس پاڪستان پهچي ويو. شايد ان ڪري ته هن ۾ اٻاڻڪائي جو احساس پيدا ٿيو. ڀٽو حڪومت ان کي هڪدم گرفتار ڪيو، هن ڀٽو دور جو باقي حصو جيل ۾ گذاريو. ۱۹۷۹ع جنرل ضياءُ الحق واري زماني ۾ جيئي سنڌ شاگرد تنظيم، قاضي فيض محمد جي چوڻ تي بنگابنڌو جو جنم ڏينهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملهايو. گل محمد جکراڻي، جيڪو هن وقت قومي اسيمبلي ۾ پ پ جو چونڊيل ميمبر آهي، ان وقت ان شاگرد تنظيم جو حصو هو. جکراڻي ۽ قاضي فيض محمد، ٻنهي تي غداريءَ جو مقدمو درج ڪيو ويو…… جڏهن کان قاضي فيض عوامي ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي، تنهن کانپوءِ سندس ۱۹۸۹ وفات تائين هن ڪنهن به ٻي پارٽي ۾ شموليت ڪا نه ڪئي.

پنهنجي زندگيءَ ۾ قاضي فيض محمد سنڌ ۾ ترقي پسند قومپرست جي حيثيت تمام گهڻو سڃاتو ويندو هو، بنگابنڌو ۽ قاضي فيض محمد ۾ مثالي دوستي سيڪيولر جمهوري قدرن ۽ معصوم ماڻهن جي جياپي جي بنيادي اصول تي ٻڌل هئي، جيڪا هميشه عوامي ليگ جي تاريخ ۾ ياد ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.