فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، ڪافي عرصي کان فلسطين پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن پر گڏيل قومون ۽ اسلامي ملڪ فلسطينين کي پنهنجو حق وٺرائي ڏيڻ لاءِ ڪا به حڪمت عملي نه جوڙي سگهيا آهن، جنهن سبب فلسطينين ۽ اسرائيلين وچ ۾ مختلف وقتن تي ڇڪتاڻ وڌندي رهندي آهي، هونئن ته سڄي دنيا جا مسلمان فلسطين جي حمايت ڪندا آهن پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين فلسطين جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ عملي طور تي ڪو به ملڪ آڏو نه آيو آهي، جنهن سبب فلسطنين کي پنهنجي حقن لاءِ پاڻ ئي وڙهڻو پئجي رهيو آهي.
هن وقت حماس ۽ اسرائيلي فوج وچ ۾ ويڙهه هلندڙ آهي، غزه تي اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 560 فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فوج پاران به حماس جا ويڙهاڪ سندن علائقن ۾ موجود هئڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، اسرائيلي فوج جي تازن حملن ۾ ٻن صحافين سميت وڌيڪ 14 فلسطيني شهيد، اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 704 ٿي ويو، 3 هزار کان وڌيڪ زخمي، حماس جي حملن ۾ مارجي ويل اسرائيلين جو انگ به يارنهن سئو کان وڌي ويو،، اسرائيل جي دفاع واري وزير غزه ۾ رهندڙ فلسطينين لاءِ بجلي، پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جي رسد به بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حملن سبب ڪيتريون ئي عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويون آهي، ڏکڻ لبنان واري پاسي کان اسرائيلي فوج تي فائرنگ ۾ 3 اسرائيلي فوجي زخمي ٿي پيا، اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ حزب الله جو اهم ويڙهاڪ مارجي ويو، اسرائيل طرفان ڏکڻ لبنان جي سرحدي پٽي جي رهواسين کي ڪئمپن ۾ منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ، اسرائيل جي بچاءَ واري وزير چيو آهي ته غزا کي مڪمل ڪڙو چاڙهيو وڃي، حماس جي حملن ۾ هڪ هزار اسرائيلي مارجي ويا آهن، مارجي ويلن ۾ فوجي ۽ عام اسرائيلي شامل آهن.
ٻئي طرف اسرائيل غزه جو پاڻي، بجلي ۽ کاڌ خوراڪ جي رسد مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏي، جڏهن ته فلسطينين کي غزه ڇڏي مصر وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو فلسطين جي صدر محمود عباس، مصري صدر عبدالفتح السيسي ۽ اردن جي شاهه عبدالله سان فون تي رابطو ڪيو آهي، جنهن دوران اسرائيل فلسطين تڪرار تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، محمد بن سلمان چيو آهي ته جائز حقن ۽ ڊگهي امن لاءِ فلسطينين سان گڏ آهيون، گڏيل قومن به اسرائيل فلسطين معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. حماس جي حملي کانپوءِ اسرائيل عام شهرين تي بمباري ڪري رهيو هو، جنهن سبب هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي به ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي معصوم ٻار به شهيد ٿي ويا آهن، اسرائيلي فوج جي حملي ۾ مارجي ويل فلسطينين ۾ اڪثريت معصوم ٻارڙن جي آهي، اسرائيلي حملن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن،ڪيتريون ئي گاڏيون به سڙي ويون آهن. فلسطينن کي جاني توڙي مالي نقصان به ٿيو آهي.
حماس جو حملو ان وقت ٿيو آهي، جڏهن سعودي عرب سميت ڪيترائي ملڪ اسرائيل سان هٿ ملائي رهيا هئا، جڏهن ته سعودي عرب جهڙو ملڪ به اسرائيل سان واسطو وڌائي رهيو هو، پر پاڪستان اڃا تائين اسرائيل کي تسليم ناهي ڪيو، پاڪستان طرفان وضاحت به جاري ڪئي وئي هئي ته پاڪستان جو اسرائيل بابت موقف تبديل ناهي ٿيو، فلسطين ۽ اسرائيل ڇڪتاڻ کانپوءِ اسرائيل جي حوالي سان سعودي عرب کي فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو، ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ لاڳاپن ۾ به اثر پئجي سگهي ٿو، ٻئي طرف حماس ڪيترن ئي اسرائيلين کي يرغمال بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، بهرحال اسرائيلي وزيراعظم چيو آهي ته هو پنهنجي شهرين جي بازيابي لاءِ آخري حد تائين وڃي سگهن ٿا،
هن وقت حماس ۽ اسرائيلين وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ سبب نقصان عام ماڻهن جو ٿي رهيو آهي، ٻنهي طرفان عام شهرين تي حملا ڪيا پيا وڃن، اسرائيل ته فلسطينن تي سڌي ريت حملا ڪري رهيو آهي، جنهن سان ڪيترائي بيگناهه معصوم فسلطيني متاثر ٿيا آهن، هن وقت گڏيل قومن کي ميدان تي اچڻ گهرجي ۽ بيگناهه ماڻهن جي قتل عام کي روڪڻ لاءِپنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سعودي عرب ۽ ايران کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئڻ بيگناهه فلسطينن جو رت وهائڻ جو سلسلو رڪجي سگهي. خاص طور تي گڏيل قومن ۽ سعودي عرب کي فلسطين ۾ هلندڙ ظلم کي روڪرائڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جا اثر دنيا تي ضرور پوندا.