جسٽس حسن اظهر رضوي جو 5 ٻڌڻين دوران چپ جو روزو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو فيصلو ٽن نڪتن تي ٻڌل آهي.

نامياري صحافڻ  مريم جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪرڻ جي حق ۾ 10 ججن فيصلو ڏنو 5 ججن مخالفت ڪئي، اپيل جي حق ۾ 9 جج ۽ مخالفت ۾ 6 جج آهن، اهڙي طرح اپيل جو حق ماضيءَ  جي ڪيسن ۾ نه ڏيڻ جو فيصلو  8 ججن جو آهي جڏهن ته مخالفت ۾ 7 جج آهن.

ساڳي طرح حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مسلسل ٿيندڙ شنواين ۾ صرف هڪ جج جسٽس حسن اظهر رضوي هو جيڪو خاموش رهيو، نه سوال ڪيو ۽ نه ئي ريمارڪس ڏنا. هڪ مرحلي تي سندس ڏنل فيصلي جو ذڪر به ٿيو ان هوندي به هڪ لفظ به نه ڳالهايائين، جڏهن ته هن قانو جي حق ۾ راءِ ڏني آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 12 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.