اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ آخرڪار پارليامينٽ آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن ۽ ججن جي اڪثريت پارليامينٽ جي منظور ڪيل ” پريڪٽس اينڊ پروسيجرايڪٽ قانون کي تسليم ڪري ورتو آهي.
نامياري صحافي مطيع الله جو چوڻ آهي ته بظاهر اعليٰ عدلت اهو تسليم ڪري ورتو آهي ته قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي. جڏهن ته اپيل جي معاملي ۾ 8 ججن جو چوڻ آهي ته اپيل جو حق ماضيءَ جي فيصلن تي لاڳو نه ٿيندو، اپيل جو حق مستقبل جي فيصلن ۾ هوندو.
محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي بنياد تي فيصلو آيو آهي. ڇو ته نواز شريف اقامه واري فيصلي خلاف اپيل نه ڪري سگهندو.
اهڙي طرح عدالت جي دامن تي اقامه فيصلي وارو داغ ڌوپي نه سگهيو آهي، ڇو ته نواز شريف جي نااهلي ته ختم ٿي چڪي آهي ڇو ته پارليامينٽ نااهليءَ جو مدو 5 سال مقرر ڪيو هو ۽ نواز شريف اهو مدو ختم ڪري چڪو آهي، پر عدليا جي دامن تي اقامه ڪيس جي فيصلي وارو داغ موجود رهندو.
ان هوندي به سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کي درست قرار ڏيڻ پارليامينٽ جي فتح آهي.
جسٽس حسن اظهر رضوي جو 5 شنواين دوران چپ جو روزو
اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو فيصلو ٽن نڪتن تي ٻڌل آهي، نامياري صحافڻ مريم جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪرڻ جي حق ۾ 10 ججن فيصلو ڏنو 5 ججن مخالفت ڪئي، اپيل جي حق ۾ 9 جج ۽ مخالفت ۾ 6 جج آهن، اهڙي طرح اپيل جو حق ماضيءَ جي ڪيسن ۾ نه ڏيڻ جو فيصلو 8 ججن جو آهي جڏهن ته مخالفت ۾ 7 جج آهن. ساڳي طرح حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مسلسل ٿيندڙ شنواين ۾ صرف هڪ جج جسٽس حسن اظهر رضوي هو جيڪو خاموش رهيو، نه سوال ڪيو ۽ نه ئي ريمارڪس ڏنا. هڪ مرحلي تي سندس ڏنل فيصلي جو ذڪر به ٿيو ان هوندي به هڪ لفظ به نه ڳالهايائين. جڏهن ته هن قانون جي حق ۾ راءِ ڏني آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 12 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي