عوام کي خبر آھي ته پ پ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي: آصف زرداري

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرپرسن ۽ ملڪ جو اڳوڻو صدر آصف علي زرداري گذريل ڏينهن اڳوڻي صوبائي وزير سيٺ ھري رام ڪشوري لال جي دعوت تي سندس زرعي فارم پهتو جتي اڳوڻي صوبائي وزير ۽  اڳوڻي ايم پي اي هري رام ڪشوري لال ۽ سندس پٽ ڪرن ڪمار سندس آڌرڀا ڪيو.

اڳوڻي صدر کي هري رام ڪشوري لال ۽ ڪرن ڪمار پاران سنڌ جي روايت مطابق اجرڪ ۽ ٿرپارڪر جي لوئي اوڍائي ويئي، ان موقعي تي اڳوڻي صدر پ پ  جي ڊويزنل صدر پير آفتاب حسين شاھ جيلاني، ضلعي صدر ميرمنورٽالپر، ميئر ميرپورخاص عبدالرئوف غوري، ڊپٽي ميئر جنيد بلند، رئيس غلام قادر مري، پيرحسن شاه جيلاني، پيرعزت شاه جيلاني، درياخان مري ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.

اڳوڻي صدر پارٽي اڳواڻن ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ٻين کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته پيپلز جو  شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي جو عزم ۽ پارٽي جو منشور ملڪ جي عوام جي خدمت ڪرڻ رهيو آھي شھيد راڻي جي خواب جي ساڀيان لاء عوام جي خدمت ڪرڻ سان گڏ عوام سان ويجهي رابطي ۾ رهي سندن خدمت ڪئي وڃي.

هن چيو ته سنڌ جي عوام پ پ تي اعتماد ڪندي پوري سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ اسان جي مخالفن کي مڪمل طور رد ڪندي پ پ جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو آھي اسان کي سندن مڪمل اعتماد تي هر حال ۾ پورو لهندي عوام جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي کين بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻون آھي.

سندس چوڻ هو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ به عوام پوري ملڪ مان پ پ کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندو ۽ ايندڙ حڪومت پ پ جي هوندي عوام جي ووٽ سان ڪامياب ٿي پ پ ملڪ کي موجوده بحرانن مان ڪڍي ترقي جي سفر تي گامزن ڪندي.

هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي عوام کي خبر آھي ته پيپلز پارٽي واحد سياسي پارٽي آھي جيڪا ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي ، شھيد  راڻي جو پٽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم بڻبو ۽ ملڪ ترقي ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.