سپريم ڪورٽ مان نوازشريف لاءِ سٺي خبر نه ملي؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينئر صحافي انصار عباسي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ تمام وڏو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، اها خبر شايد  نوازشريف لاءِ سٺي نه هوندي، اپيل جو حق ماضي جي ڪيسن ۾ نه ڏنو ويو آهي.

نوازشريف ۽ جهانگير ترين جي حوالي سان ماضي ۾ سياسي بنيادن تي فيصلا ڪيا ويا، نوازشريف جي پاور پاليٽڪس جي حوالي سان اهو فيصلو اهم آهي، هو اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهي ٿو يا نه .

ان حوالي سان قانوني ابهام موجود آهي، اليڪشن ايڪٽ 5 سالن جي نااهلي بابت قانوني مونجهارو ختم ڪري چڪي آهي، گهڻا ماڻهو ان حوالي سان به سوال اٿاري رهيا آهن، هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ 5 سالن جي نااهلي وارو معاملو سامهون ايندو، آئيني ترميم کان بغير اهو معاملو ختم نه ٿيندو، نوازشريف ۽ ن ليگ لاءِ اهو وڏو مسئلو هوندو.

هوڏانهن سينئر صحافي فخر معظم چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ثابت ڪري ڇڏيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ انصاف پسند،غيرجانبدار،انصاف ۽ قانون تي پهرو ڏيندڙ جج آهي، ان معاملي تي هاڻي ڪنهن کي اعتراض نه رهڻ گهرجي، ان فيصلي جا پاڪستان جي سياست تي گهڻا اثر پوندا، نوازشريف کي اپيل جو حق نه ملندو ته پورو سياسي منظرنامو تبديل ٿي رهيو آهي.

نوازشريف جي وزيراعظم بڻجڻ ۾ اهو فيصلو رڪاوٽ بڻجي ويو آهي،نوازشريف جي تاحيات نااهلي برقرار رهندي؟ نوازشريف اڃا به  اليڪشن وڙهي سگهي ٿو،فوري طور بريت جا امڪان ناهن.

شهبازدور ۾ نوازشريف جي سياست ۽ اقتدار ۾ واپسي لاءِ  قانون سازي ڪئي وئي هئي، اليڪشن ايڪٽ وارو آپشن رهجي ويو آهي، قانوني ماهرن موجب آئين ۾ سزا جو تعين ناهي، نوازشريف پنهنجي سزائن جي معطلي لاءِ عدالتن سان رابطو ڪندو.

نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي نوازشريف هاءِ ڪورٽ ويندو، هاءِ ڪورٽ ان معاملي ۾ مداخلت نه ڪندي، نوازشريف نامزدگي ڪاغذن جو معاملو سپريم ڪورٽ کڻي ويندو ته اتي سندس درخواست اپيل جي حق ۾ هلي ويندي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 12 آڪٽوبر 2023 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.