غزا/تل ابيب ( ويب ڊيسڪ ) حماس جي طوفان الاقصيٰ آپريشن ۾ مارجي ويل اسرائيلن جو انگ 1300 ٿي ويو آهي جڏهن ته غزا تي ڇنڇر کان جاري اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 1354 فلسطيني شيهد جڏهن ته ڇهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس جي اسرائيل تي تاريخي ۽ حيران ڪندڙ حملي کانپوءِ اسرائيلي فوج جي ڇنڇر کان غزا تي بمباري جاري آهي، اسرائيلي فوج رهائشي عمارتن، عورتن ۽ ٻارن کي پڻ نشانو بڻائي رهي آهي جنهن سبب شهيدن جو انگ وڌندو پيو وڃي.
فلسطين جي صحت واري وزارت غزا تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هنيئر تائين تيرنهن سئو 54 ماڻهو شهيد ۽ ڇهه هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته غزا تي جاري بمباري سبب هينئر تائين غزا مان اٽڪل ٻه لک فلسطيني شهري بي گهر ٿي ڪئمپن ۾ پناهه وٺي چڪا آهن ۽ سندن انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.
ٻئي پاسي اسرائيل جي هيلٿ منسٽري پنهنجي 1300 شهرين جي مارجڻ ۽ 2800 شهرين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن، اسرائيلي وزيراعظم بينامين نيتن ياهو سان ملاقات لاءِ تل ابيب پهتو جتي هن آمريڪي صدر جو بائيڊن جو پيغام اسرائيلي وزيراعظم کي پهچايو ۽ کيس خاطري ڪرائي ته آمريڪا ساڻس گڏ آهي ۽ رهندو.