پروسيجر ايڪٽ بابت عدالتي فيصلي تي پي ٽي آءِ چيئرمين جو موقف سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عمران خان جي وڪيل بئرسٽر علي ظفر چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي عدالتي فيصلي مان مطمئن آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين سان اڊيالا جيل ۾ سندس قانوني ٽيم ملاقات ڪئي جنهن ۾ بئرسٽر علي ظفر، بئرسٽر عمير نيازي ۽ بئرسٽر علي گوهر شامل هئا جڏهن ته عمران خان سان سندس ذاتي ڊاڪٽر عثمان يوسف پڻ ملاقات ڪئي.

اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي صحت بلڪل ٺيڪ آهي، هن پيغام ڏنو آهي ته مُلڪ معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ مُلڪ کي هن وقت مقبول اڳواڻ جي ضرورت آهي، مقبول ليڊر صرف چونڊن ذريعي اچي سگهي ٿو.

علي ظفر موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مقبول ليڊر ئي سرجيڪل آپريشن ذريعي معيشت ٺيڪ ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته نوي ڏينهن ۾ چونڊن بابت پٽيشن ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وڃي.

علي ظفر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سُپريم ڪورٽ جي ڪالهه واري فيصلي مان مطمئن آهي ته ماضيءَ جا ڪيس نه کلندا ۽ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ته چونڊون نه ڪرايون هاڻي سڀني جون نظرون سُپريم ڪورٽ تي آهن، هن چيو ته اپيل جو حق هئڻ گهرجي اِهو درست فيصلو آهي.

علي ظفر موجب، عمران خان پي ٽي آءِ ليڊرن ۽ ڪارڪنن جي اغوا تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيوته جيڪي عورتون جيلن ۾ آهن انهن قانوني مدد ڪئي وڃي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين رڳو قومي مفاد جون ڳالهيون ڪيون، جيل سهولتن تي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اُهو جيل اختياريون ڄاڻين ۽ هو ڄاڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.