پاڪستان جي غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي مذمت، گڏيل قومن کان ترت جنگ بندي جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان غزا ۾ اسرائيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گڏيل قومن کان فوري جنگبندي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي اجلاس ۾ نگران پرڏيهي ويزير جليل عباس جيلاني ڪشمير مسئلي تي ورشني وڌي، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، حريت جماعتن تي ڀارتي حڪومت پابندي مڙهي رهي آهي، ڪشميرن کي سندن مرضيءَ موجب حقِ خود اراديت ملڻ گهرجي.
حماس-اسرائيل ڇڪتاڻ تي گفتگو ڪندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، غزا ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ معصوم ٻار ۽ عورتون به شهيد ٿيون.
ترجمان جو چوڻ هو ته فلسطين خلاف اسرائيل امتيازي ورتاءُ ڪري رهيو آهي، هٿين خالي فلسطينن تي اسرائيل طرفان زمين تنگ ڪئي پئي وڃي، گڏيل قومن کان مطالبو ڪيون ٿا ته سيز فائر جي ڀرپور ڪوشش ڪري، وچ اوڀر ۾ امن وقت جي اهم گهرج آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.