زينب عباس خلاف ڀارت ۾ ڪيس، پرڏيهي کاتي جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته ڀارت ۾ جاري ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ڪوريج لاءِ ويل پاڪستاني پريزينٽر زينب عباس خلاف بي مقصد ٽوئيٽ جي بنياد تي ڪيس ٺاهڻ درست قدم نه آهي، کيس ڪوڙي ٽوئيٽ ۾ بنا سبب شامل ڪيو ويو.

پرڏيهي ترجمان جو هفتيوار بريفنگ دوران چوڻ هو ته ڀارت ورلڊ ڪپ جو ميزبان آهي تنهنڪري سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ به ڀارتي رياست جي ذميواري آهي، پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ به ڀارتي ذميواري آهي.

هڪ سوال جي جواب ترجمان چيو ته زينب عباس خلاف بي مقصد ٽوئيٽ جي بنياد تي ڪيس ٺاهڻ سٺو قدم نه آهي، بنا سبب ڪيس ۾ زينب کي گهيليو پيو وڃي .

ترجمان چيو ته پاڪستاني صحافين ۽ مداحن کي ويزائون جاري ڪرڻ تي ڀارت سان رابطي ۾ آهيون ۽ جلد ويزائون جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.