غزا بابت رضوان جي ٽوئيٽ تي ڀارتين جي اعتراض تي آءِ سي سي ڇا چيو؟

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جي تازي ٽوئيٽ تي انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي) جو چوڻ آهي ته سريلنڪا خلاف پاڪستان جي فتح کانپوءِ غزا بابت رضوان جي ٽوئيٽ سندس اختيارن جي دائري کان ٻاهر آهي.

سريلنڪا خلاف ميچ ۾ تاريخي فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ محمد رضوان سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن لکيو ته هيءَ  فتح غزا ۾ موجود اسان جي ڀيڻ ڀائرن لاءِ آهي، ان سان گڏوگڏ هن دعا وارو ايموجي پڻ ٺاهيو.

رضوان جو اِهو عمل ڀارتي صحافي وڪرانت گپتا کي صفا نه وڻيو ۽ هن آءِ سي سي کان سوال ڪري ڇڏيو.

وڪرانت گپتا سوشل ميڊيا تي رضوان جو بيان شيئر ڪندي سوال اُٿاريو ته ڇا ڪرڪيٽرز جي آءِ سي سي ٽورنامينٽ دوران سياسي ۽ مذهبي بيان ڏيڻ تي پابندي ناهي؟  مون کي ياد آهي 2019ع واري ورلڊ ڪپ دوران مهندر سنگهه ڌوني کي پنهنجي دستاني تان ڀارتي فوج جو نشان هٽائڻ جو چيو ويو هو.

هن آءِ سي سي کان سوال ڪيو ته ڇا رضوان جي ان عمل جي اجازت آهي؟ .

پرڏيهي ميڊيا موجب، ان ڏس ۾ آءِ سي سي ترجمان جو چوڻ آهي ته اِهو راند جي ميدان ۽  انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اختيارن واري دائري کان ٻاهر جو معاملو آهي.

آءِ سي سي ترجمان موجب، اِهو فرد ۽ سندس بورڊ تي دارومدار رکي ٿوته هو پنهنجي انفرادي پليٽ فارم کي ڪهڙي طريقي سان استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.

هتي اِها ڳالهه پڻ ذڪر جوڳي آهي ته جتي ڀارتي صحافين رضوان تي تنقيد ڪري رهيا آهن اتي پاڪستاني مداحن رضوان جي ان ٽوئيٽ کي ساراهيندي وڪرانت گپتا کي ڇتي تنقيد جونشانو بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.