سپريم ڪورٽ جو رولز اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت فيصلو

رحمت الله ٻرڙو

سپريم ڪورٽ ڪالهه رولز  اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 کي برقرار رکڻ جو فيصلو ٻڌايو  آھي جنهن ۾ 10 ججن سپريم ڪورٽ رولز ۽ پوسيجر ايڪٽ 2023 جي حمايت ڪئي ۽ 5 ججن مخالفت ۾ اختلافي نوٽ ھنيو. اهڙي طرح درخواستون رد ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ تازا ترين صورتحال اها آھي ته سپريم ڪورٽ جا جسٽسس صاحبان پاڻ ۾ رولز انڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 واري ٻڌڻيءَ واري معاملي تي پڻ اٽڪي پيا آھن!!

چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جسٽس منيب کي چيو ته توهان ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران هر هر سوال نه ڪيو جنهن تي جسٽس منيب اختر چيف جسٽس قاضي فائز عيسي کي وراڻيندي چيو ته پوءِ بينچ ۾ ويهڻ جو ڪهڙو فائدو . ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته چئن ٻڌڻين باوجود ڪيس ختم ناهي ٿيو ،اهااسان جي ڪارڪردگي آھي. هر ادارو خوداحتسابي ڪري ته ٻاهران ڪير به مداخلت نه ڪندو. ايم ڪيو ايم جي وڪيل دليلن دوران جسٽس منيب اخر سوال ڪيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسي پڻ روڪي ورتو،چيف جسٽس قاضي فائز جو چوڻ هو ته بينچ جي سوالن جا جواب ڏيڻ بجاءِ پنهنجا دليل جاري رکو.

هر سوال جا جواب ڏينداسين ته ٻڌڻي مڪمل نه ٿي سگهندي ،ڪنهن اڳ ۾ ئي ذھن ٺاهيو آھي ته اهو فيصلي۾ لکي ڇڏيندو ،پهريان دليل پوءِ جواب ڏيو.وڪيل کي چيف جسٽس جي هدايت.

ڇا سپريم ڪورٽ  جي ڪا بينچ سپريم ڪورٽ جا رولز ٺاهي سگهي ٿي ؟ بينچ جي حڪم باوجودچيف جسٽس فل ڪورٽ نٿو ٺاهي ته ڇا ٿيندو؟ چيف جسٽس جو وڪيل کان سوال. هوڏانهن ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر ۽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسي وچ ۾ سوال تي جملن جي ڏي وٺ ٿي جنهن دوران جسٽس منيب اختر چيو چيو ته ڇا پارليامينٽ ماسٽرآف روسٽر آھي؟ ان تي چيف جسٽس قاضي فائز چيس ته پهريان منهنجي سوال جو جواب ڏيو. جسٽس منيب اختر جو چوڻ هو ته پروسيجر ايڪٽ عدالتي معاملن ۾ مداخلت پڻ آھي.ان تي چيف جسٽس وراڻيندي چيو ته اسان پنهنجو ڪم صحيح ڪيون هان ته مداخلت نه ٿئي هان،پروسيجر ايڪٽ سٺي مداخلت آھي۔ چيف جسٽس.

شهباز حڪومت ويندي ويندي اهو بل پاس ڪيو هو، اليڪٽرانڪ ميڊيا ،اخبارن ۽ شوشل ميڊيا تي بحث ڪيو ويو ته اهو قانون، اسيمبليءَ رڳو نوازليگ کي فائدي لاءِ ٺاهيو آ جنهن ۾ خاص طور تي مسلم ليگ نواز جي قائد ميان محمد نواز شريف جيڪو ڪورٽ حڪم تحت ٻاهر علاج لاءِ ويل آھي ان جي پرامن واپسي لاءِ رستي هموار  ڪرڻ آھي.

درحقيقت اهو قانون آئين جي آرٽيڪل نمبر 184 ۽ 185 متعلق آھي. جڏهن ته شايد آرٽيڪل 187 به اچي ٿو وڃي جنهن تحت ديواني اپيلون ٻڌي سگهجن ٿيون۔ ان ۾ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ۽ فيصلو ٿيل اٽڪل 58000 هزار ڪيسن تي لاڳو ٿئي ٿو. مطلب ته ايڪٽ( Act ) جي گزيٽ نوٽيفڪيشن  جي جاري ٿيڻ کانپوءِ آرٽيڪل184 ۽ 185 وارا فيصلو ٿيل ۽ ٻيا فيصلي ٿيڻ لاءِ جاري ڪيسن بابت اپيل جو حق هر هڪ   درخواست گذار کي اپيل جو حق ملي ٿو ،جيڪو Revision  يا Review ٻنهي کان الڳ انصاف جو رستو کولي ٿو.

ان قانون مان ظاهري طرح سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته آرٽيڪل 184 ۽ 185 آئيني شقن جي روشني ۾ ڪيسن جو اڪلاءُ يا نبيرو ممڪن ٿي سگهندو. جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪي ورلي درخواست گذار هوندا آھن جيڪي ذاتي طور تي يا INPERSON  بغير ڪنهن وڪيل جي پاڻ ڪيس وڙھندا آھن. جڏهن ته گهڻي ۾ گهڻا ڪيس سپريم ڪورٽ جا وڪيل ئي درخواست گذارن طرفان پيش ٿيندا آھن.هن وقت پاڪستان بار ڪائونسل جي وڪيلن جو تعداد اٽڪل 6000 هزار  کان پڻ مٿي  آھي. ان طرح سان ئي سگهجي ٿو ته 6 ڪيسن کان 10 اپيل ڪيس في وڪيل ملي سگهن ٿا .

ان جو نتيجو اهو ڪڍي سگهجي ٿو ته ان قانون جي سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ طرفان گائيڊ ڪرڻ جي پاڪستان جي جوڊيشل سسٽم جي بدولت سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي ميمبرن معني ته سپريم ڪورٽ جي وڪيلن کي ئي فائدو پوندو. پاڪستان جي عام شهرين کي انصاف جي تقاضائن مطابق ملڪي قانون جي روشني ۾ انصاف ملي يا پلئه پئجي سگهندو. ماضيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس صاحبان جا فيصلا وڪيل دوستيءَ تي ٻڌل رهيا آھن ، جن جي ڪري انصاف جي فراهمي واري نظام ۾ تيزي سان گڏ( Litigation )يعني ڪيس ڪرڻ جو دائرو يا اسڪوپ ويع ڪرڻ جي لاءِ فيصلا ٿيندا رهيا آھن.جنهن جي نتيجي ۾ انصاف جي فراهمي جو نظام گهڻو ڪري وڪيل دوست رهيو آھي.

هاڻي هن سپريم ڪورٽ رولز اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 واري بحث هڪ نئون دلچسپ بحث ڇيڙي ڇڏيو آھي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سپريم ڪورٽ جا ڪجهه وڪيل صاحبان هڪ پاسي ۽ ڪجهه وڪيل ٻئي پاسي ٻيٺا آھن ۽ عدالتي ٻڌڻي دوران هلندڙ ڪارروائي مان به لڳي ٿو ته ڪجهه جسٽسس صاحبان کي ڄڻ ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي پالسين يا عالتي روين سان اختلاف آھي جيڪو پڻ عدالتي ڪارروائي دوران ٿيندڙ سوالن جوابن ۾ ظاهر ٿيڻ جا ڏيک ٿو ڏئي.!!

عدالتي معاملن کي ويجهو ڏسندڙ حلقن جو خيال آھي ته خواجه طارق رحيم ،عابد زبيري ۽ امتياز صديقي جهڙن وڪيلن جو خيال آھي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي پاليسين کي ڊيگھه ڏيارجي ته جيئن اڪلاءُ نه ٿئي ٻڌڻين ۽ عدالتي وهنوار جو. ڇو ته وڪيلن جو فائدوان ۾ آھي.

هوڏانهن ڪجهه حلقن جو چوڻ آھي ته عابد زبيري ۽ خواجه طارق رحيم جهڙا وڪيل سياسي ۽ عدالتي مسئلن کي گڏ جي هلائڻجي ڪوشش ڪندا آھن۽ پوءِ عدالت پنهنجا نتيجا وقت سر نٿي ڏئي سگهي.

چيف جسٽس پنهنجي اختيارين کي ورهائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري پر مستقبل جي ايندڙ چيف جسٽسس ،جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس منيب اختر جن جو خيال آھي ته چيف جسٽس جا اختيار ساڳيا چيف جسٽس وٽ هجڻ ضروري آھن.

جنهن ڪري موجوده عدالتي ٻڌڻي جيڪا سپريم ڪورٽ رولز ۽ پروسيجر ايڪٽ 2023 تي هلي رهي آھي ان ۾ اسان جا جسٽس صاحبان هڪ ٻئي سان اختلاف ڪري ان عدالتي ٻڌڻيءَ کي ڪنهن نئي عدالتي اشو جو حصو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا.

ڪالهوڪي عدالتي ڪارروائي ۽ ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ”جي وڪيلن جون لابيون ۽ سپريم ڪورٽ جا جج به ڄڻ ته پنهنجي لابيز جو تاثر ڏئي اڳتي قانوني ۽ عدالتي وهنوار کي پنهجي پنهنجي خيالن سان ڏسڻ جو اشارو ڄڻ ته ڏنو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.