نئين چونڊن جو ماحول آهي. اليڪشن ڪميشن سال 2024 ۾ جنوري جي آخري هفتي جي تاريخ ڏني آهي. پوءِ به غير يقيني جي صورتحال قائم آهي. نگران حڪومت جي موجودگي ۾ به اهو تاثر قائم آهي ته شايد چونڊون وقت تي نه ٿين.ان جا ڪيترائي ڪارڻ آهن. هڪ خيال اهو آهي ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي موجوده ڪنهن به اقتداري جماعت جهڙوڪ مسلم ليگ (ن)، پي ٽي آءِ ۽ پ پ مان اميد ناهي ته اهي اقتدار ۾ اچي ڪري ڪو ملڪ کي معاشي تباهي مان ڪڍي سگهنديون. اڃان به ان جو خيال آهي ته موجوده معاشي تباهي جون ذميوار ئي اهي ٽئي جماعتون آهن. ان ڪري ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو ممڪن آهي ته اهو خيال هجي ته پهريون معيشت کي بهتر ڪجي، ملڪ کي ڏيوالي جي خطري مان ڪڍجي پوءِ چونڊون ڪرائجن.
ائين سمجهو ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ ان ڏس ۾ نگران حڪومت ذريعي ڪم شروع به ڏنو آهي. سندن ڪوشش سان ڊالر جي قيمت جيڪا شهباز شريف جي پي ڊي ايم واري حڪومت جي ڪنٽرول ۾ نه پئي اچي سا موجوده نگران حڪومت جي پاليسين سان مسلسل ڪري ڪري رهي آهي. نگران حڪومت ان حوالي ۾ اهڙين پاليسين ۾ پڻ هٿ وڌو آهي جن ۾ نگران حڪومتون عام طور هٿ ناهن وجهنديون. مثال طور اسمگلنگ کي روڪڻ ۽ ان ۾ ملوث سياستدانن خلاف ڪارروائي ڪرڻ، معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ غيرقانوني طور ملڪ ۾ رهندڙ افغانين کي ملڪ بدر ڪرڻ، پرڏيهي ملڪن سان معاشي ۽ ڪاروباري معاهدا ڪرڻ اهڙا معاملا آهن جيڪي چونڊيل حڪومتن جا ڪم هوندا آهن پر اهي نگران حڪومت ڪري رهي آهي ۽ جڏهن ان حڪومت کان پڇيو ويندو آهي ته اوهان چونڊون ڪڏهن ڪرائيندو ته وزير فرمائيندا آهن ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اسان صرف ان جا سهولت ڪار هونداسين. انهن ڳالهين کي ڏسي ڪري اهو تاثر جڙيو آهي ته شايد چونڊون وقت تي نه ٿينديون ۽ نگران حڪومت ڪجهه ڊگهو وقت هلندي.
هاڻي ته سياسي جماعتن به اليڪشن ڪميشن تي زور ڏيڻ شروع ڪيو آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي. ساڳي وقت ڪجهه جماعتن اهو به چوڻ شروع ڪيو آهي ته جنوري جي آخر ۾ اترين علائقن ۾ سخت برفباري ٿيندي آهي ۽ برساتون پونديون آهن، سخت سيءُ هوندو آهي سو ان موسم ۾ چونڊون نه ٿيڻ گهرجن جو عوام ووٽن لاءِ نه نڪري سگهندو. اهي سڀ معاملا ٻڌائن ٿا ته شايد چونڊون وقت سر نه ٿين. باقي جيستائين تعلق آهي آئين جو ته، ان ۾ 90 ڏينهن اندر لازمي طور چونڊون ڪرائڻ جو چيو ويو آهي، عمر بنديال واري سپريم ڪورٽ به 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان تي عمل نه ڪيو ويو ۽ اهو سڀ اسٽيبلشمينٽ جي منشا مطابق ئي ٿيو آهي.
بهرحال چونڊون ٿين ٿيون يا نه اِن حوالي سان ٻيو بحث اهو هلي رهيو آهي ته سياسي جماعتون عوام وٽ ڪهڙو بيانيو کڻي وينديون. هڪ تاثر اهو به آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت وٽ ڪو بيانيو آهي ئي نه. پي ٽي آءِ جو نئون پاڪستان ۽ مديني واري رياست جو بيانيو عوام عملي طور ڏسي چُڪو آهي، مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جو ووٽ کي عزت ڏيو جو پول پڌرو ٿي چُڪو آهي، پ پ ذوالفقار علي ڀٽي واري ”ماني، ڪپڙي ۽ اجهي“ واري بيانئي کان ٻاهر نه نڪري سگهي آهي.
جڏهن ته عوام جو بيانيو آهي ته اسان کي مهانگائي کان نجات گهرجي سٺي حڪومت گهرجي پر سياسي جماعتن وٽ شايد اهڙو بيانيو ڏيڻ جو دم خم ناهي. انهن کي خبر آهي ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ڪنهن جون پاليسيون هلنديون آهن. انهن کي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو اختيار ناهي. اهو اختيار جن طاقتن وٽ آهي سي سياسي جماعتن جي مهانگائي ختم ڪرڻ ۽ معيشت سڌارڻ جو اختيار ئي نه ڏينديون ۽ پوءِ اونئين ئي ٿيندو جيئن عمران خان سان ٿيو جنهن چيو هو ته مان اقتدار ۾ اچي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ بدران خودڪشي ڪري ڇڏيندس پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ هو به آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ تي مجبور ٿيو جتي هن ان معاهدي کي پٺي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ سان سندس لاڳاپا خراب ٿي ويا ۽ نيٺ ان کي به گهر ڀيڙو ڪيو ويو.
سو ان زميني حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته چونڊجي آيل حڪومتن جي پس منظر ۾ اسٽيبلشمينٽ جون پاليسيون هلنديون آهن تنهن ڪري سندن هٿ ٻڌل هوندا آهن. انهيءَ پسمنظر ۾ ڏسجي ته موجوده اقتداري جماعتن کي سجهي ٿي ٿو ته جيڪڏهن اهي ڪو بيانيو کڻي عوام وٽ وينديون ته کين به سئو سيڪڙو يقين ناهي ته حڪومت ۾ ايندي ان تي عمل ڪري سگهنديون يا نه .
جيستائين عوام جو تعلق آهي ته ان جو بيانيو اهو ئي آهي ته کيس مهانگائي نه پر سستائپ گهرجي، سٺي حڪومت گهرجي، عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ گهرجي. انصاف ۽ قانون جي بالادستي گهرجي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا موجوده اقتداري جماعتن لاءِ ان بيانئي تي پورو لهڻ ممڪن ناهي؟. جڏهن ته عوام کي اها سياسي جماعت حڪومت ۾ گهرجي جيڪا ان بياني تي پورو لهي. آخر عوام کي به رليف ٿو گهرجي. 77 سالن کان عوام انهن بنيادي گهرجن کان محروم رهيو آهي. هاڻي ته گهٽين ۽ رستن تي اهڙا بورڊ لڳايا ويا آهن ته جيستائين بجلي ۽ گيس نٿا ڏيو تيستائين مهرباني ڪري ووٽ وٺڻ به نه اچجو!
مطلب ته جيڪو ڪجهه عوام چاهي ٿو سو بيانيو ڪنهن به جماعت وٽ ناهي. هر سياسي جماعت اهو ٿي چوي ته ايندڙ حڪومت به فوري طور معاشي مسئلا حل ڪرڻ جو واعدو نٿي ڪري سگهي. حالتن کي بهتر ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلين، حڪومتن کي پنهنجو مدو مڪمل طور تي نه ڏيڻ سبب ملڪ پوئتي ٿيندو ويو ايستائين جو ڏيوالي جي ڪنڌي تي پهچي ويو آهي. سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام ۽ ان جي چونڊيل حڪومتن تي اعتماد ڪيو وڃي، عوام تي ڀروسو ڪيو وڃي ۽ سياسي جماعتن کي اُهو بيانيو اختيار ڪرڻ گهرجي جيڪو عوام چاهي ٿو.