ترقيءَ جا معيار ۽ ٽين دنيا جي سماجي اوسر

حسن جان سومرو

ترقيءَ جي تصور کي سمجهڻ لاءِ ان جي مختلف مرحلن کي سمجھڻ ۽ انھن مرحلن جو مختلف پاسن کان جائزو وٺڻ لازمي آھي. زرعي سماج ۾ ترقي جا معيار ھڪڙا ھوندا آھن ته صنعتي سماج ۾ ترقي جا معيار ٻيا ھوندا آھن. پيدواري عمل ۽ پيداواري ذريعا ٻنھي ۾ مختلف ھوندا آھن. روايتي سماج مان مراد ٽين دنيا جا اھي ملڪ آھن جيڪي اڃا ترقي جون منزلون ماڻي ناھن سگھيا. جيڪي اڃا ترقي ڏاڪي به ڏاڪي استعمال ڪري رھيا آھن. ان کان پوءِ جيڪو ٻيو مرحلو آھي اھو آھي (ترقي يافته) سماج يا قومن مان مراد آھي ته اھي سماج يا قومون جيڪي ترقي جا ڏاڪا پار ڪري ترقي جون منزلون ماڻي چڪا آھن. (ترقي پذير) ملڪن مان مراد اھي ملڪ جيڪي وڏي پئماني تي جديد مشينري ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رھيا آھن. جيڪي سماجي طور ترقي يافته مرحلن مان گذري رھيا آھن. ( ترقي يافته) ملڪ اسان کي ترقي جي مرحلن ۽ سماجي جوڙجڪ کي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

ترقي جي مختلف مرحلن کي سمجھڻ  لاءِ اھو ضروري آھي ته اسان پھرين دنيا يا ٻين لفظن ۾ ائين چئجي جديد دنيا ۽ صنعتي انقلاب جو مطالعو ڪريون. جيستائين صنعتي انقلاب کي درست نموني نه سمجھنداسين تيستائين ھڪ تحقيق نگار جي حيثيت ۾ ترقي جي مختلف مرحلن کي سمجھي نه سگھبو. زرعي سماج ۽ يورپ جو صنعتي انقلاب کي سمجھڻ نھايت ضروري آھي. جيڪو تصور اسان کي ترقي جي مختلف ڏاڪن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندو ته آخر اھي ڪھڙا ڪارڻ آھن جيڪي پهرين ۽ ٽين دنيا جي ملڪن جي وچ ۾ بنيادي فرق کي واضع ڪن ٿا. ٽين دنيا جي پوئتي پيل ملڪن ۽ ايشيا جي ترقي پذير ملڪن جي ترقي جي معيارن ۽ ڏاڪن کي سمجھڻ لاءِ اھو نھايت ضروري آھي ته اسان کي يورپ جي زرعي سماج توڙي صنعتي ترقي کي سمجھڻو پوندو. ڪئين يورپ زرعي سماج مان ٽپو ڏئي صنعتي انقلاب ۾ پير پاتو ۽ صنعتن جو ڄار وڇائي پوري يورپ کي جديد مشينري سان جوڙي ڇڏيو.

روايتي سماج ترقي جو اھو مرحلو جيڪو ٽين دنيا جي ملڪن ۾ رائج آھي. هن نموني جي بنياد تي ٽين جا ملڪ خاص طور تي زراعت تي ڀاڙين ٿا ۽ روايتي طريقا استعمال ڪندي چوپايو مال پالين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ پيداوار عمل گھٽجيو وڃي ۽ محنت وڌيڪ ٿئي ٿي. هن شعبي جي ماڻهن کي ٽيڪنالاجيءَ تائين تمام گهٽ رسائي حاصل آهي، ۽ جيتوڻيڪ انھن وٽ رسائي به آھي ڇاڪاڻ ته دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آھي پر انھن اوزارن ۽ ٽيڪنالاجي مشينري کي استعمال ڪرڻ لاءِ اسان وٽ غير تربيت يافته ماڻھو آهن.

ان کان اڳ جو اسين ترقيءَ لاءِ اڳين ڏاڪن تي وڃون، اڳيون حالتون بنيادي طور تي اھي سماجي حالتون ھيون جيڪي سماج ۾ اٿل پٿل ۽ ڀڃ ڊاھ واري عمل مان گذري ھڪ نئين سماج کي تشڪيل ڪيو. جيڪي ترقي ۾ تبديلين کي ظاهر ڪرڻ يا ڏسڻ کان اڳ جا مرحلا آھن. ڪامريڊ لينن لکيو ھو ته تبديلي ھميشه زگزيگ واري عمل مان گذرندي آھي. ترقي جا مختلف ڏاڪا ھوندا آھن ڪڏھن ڪڏھن تبديلي ڪٿي ڪٿي رڪجي به ويندي آھي پر اھا وقتي طور رڪجندي آھي. ڇاڪاڻ ته اھو جدلياتي ماديت جو اصول آھي ته ھر شيءِ کي تبديل ٿيڻو آھي اھو ھڪ فطري اصول آھي. فطرت ۾ ھر شيءِ تبديل ٿيندي رھي ٿي اھو تبديلي جو عمل ڪڏھن رڪڻو ناھي.

تازو بنگلاديش ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف فيملي پلاننگ منصوبي تحت سڄي ملڪ ۾ لاڳو ڪيل پروگرامن کي درست طريقي سان استعمال ڪرڻ وارن کي انعام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. اھي سڀ تڏھن ممڪن آھي جڏھن ملڪ ۾ترقي جي اھم منصوبن کي ترجيح جي بنيادن تي ڏٺو ويندو ۽ وسيلن کي درست نموني استعمال ڪيو ويندو. جيستائين ناڻي جي ورڇ ۽ ترقي جي منصوبن کي ترجيح جي بنيادن تي نه رکيو ويندو تيستائين اسان جھڙا ٽين دنيا جھڙا ملڪ ترقي ته پري جي ڳالهھ آھي پر ويتر قرضن تي ڀاڙيندا رھندا.

‘ٽيڪ آف’ اسٽيج جيڪو بنيادي طور تي هڪ مختصر مدت جي ترقي وارو اھو مرحلو آهي، جتي قومي معيشت تي وڏي آمدني پيدا ٿئي ٿي، جنھن سان ملڪ جي جي ڊي پي ۾ واڌ اچي ٿي. جيڪا پنهنجي مجموعي گھربل پيداوار (حاصل ڪري ٿي ۽ ان جي مجموعي قومي پيداوار جي اين پي  کي به وڌائي ٿي. وڌيڪ سيڙپڪاري ذريعي جيڪڏهن پرڏيهي پاليسي کي اڳوڻي اسٽيج ۾ وڌايو ويو. هي اهو مرحلو آهي جنهن تي چين جهڙا ”نيم ترقي يافته“ ملڪ آهن. هي مرحلو تيز رفتار ترقي جي نشاندهي ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي ماڻهن ۽ معيشت ۾ بھتري اچي ٿي.

آخرڪار، اسان وٽ آخري مرحلو آهي، وڏي پئماني تي استعمال جو دور، جيڪو هڪ ترقي يافته ملڪ جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ مثالن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. Age of Mass Consumption” مغربي طرز تي استعمال سان گڏ هن اسٽيج جو بنيادي حصو آهي.

ماڻھو جي ذهني حالت ۽ ڪيفيت به ترقي تي اثر انداز ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته فرد جي ذھني حالت معاشري تي اثرانداز ٿئي ٿي ۽ ترقي جي رفتار تي به فرق پوي ٿو. مثال طور آمريڪا ۽ برطانيه ۾ ويڪسين مخالف تحريڪ جا جھڙا مثال موجود آهن جن جي باري ۾ ماڻھن کي يقين نه ايندو ته يورپ ۽ آمريڪا جھڙن ملڪن به ويڪسين جي مخالفت به ڪئي ان خلاف تحريڪون به ھلايون. جھالت جو شڪار دنيا جو ھر سماج رھيو آھي. يورپ جو سماج اوندھ واري دور بنا مختلف ھو. جنھن ۾ جاگيرداري ۽ وڏيرا شاھي پنھنجي عروج تي ھئي. ان سماج ۾ ڪيترن ئي وڏھن ذھنن کي جيلن توڙي ڦاسي گھاٽن جو منھن ڏسڻو پيو. ڇاڪاڻ ته انھن جيڪي عقل علم ۽ ڏاھپ جون ڳالھيون ڪيون يا عقل جا دروازا کوليا اھي ان دور جي سماج لاءِ ناقابل برداشت ھئا. پر آھستي آھستي اھي سماج انھن نظرين کي ھضم ڪندو ويو. نتيجو اھو نڪتو سماج ان اوج تي پھتو جتي ترقي پنھنجا معيار تبديل ڪري ڇڏيا.

مجموعي طور تي، ترقي رڳو هڪ لفظ ناهي؛ اهو هڪ اهڙو عمل آهي جنهن جا ڪيترائي مرحلا ۽ قسم آهن، جن ۾ هڪ واحد ذهنيت جي ترقي به شامل آهي. لفظ "ترقي” آڪسفورڊ ڊڪشنري پاران ڏنل عام تعريف کان گهڻو وڌيڪ شامل آهي؛ ان ۾ ذهني ترقي به شامل آهي، انهي سان گڏ ظاهر ڪيل بنيادي سماجي ڍانچي ۾ ترقي اوثر شامل آھي. سماجي ترقي معاشي ترقي توڙي فڪري ترقي سان جڙيل ھوندو آھي. فڪري ترقي اھا آھي جنھن کي اسان سولن لفظن ۾ ڏاھپ عقل ۽ شعور چوندا آھيون اھي سڀ اھي مرحلا آھن جيڪي اسان کي سماجي سائنسي عمل کي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.