مان جيئن ئي سومر 2 آڪٽوبر جي ٽپھري جو هيٿرو ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتس، لنڊن پنهنجي روايتي موسمي جي رومانس ۾ جو وڳو ويڙھيل وڻندڙ خشڪي ۾ ڍڪيل ھو. آسمان ڳاڙهسرن ڪڪرن سان ڍڪيل ۽هلڪي برسات ۾ ڳاڙهسريون اٽن، اڇين کڙڪين وارن ڌوتل پوتل گهرن جي انگ انگ مان لنڊن بکي رھيو ھو. ان ڏينهن شام ويلي ھڪ ريستوران ۾ ڪافي جي ميز تي ميان صاحب سان منهنجي ملاقات ٿي.اسان سان ڪو ٽيون نه هو، ان ڪري ڪلاڪ کن جي ڳالھين ۾ ڪيترا ئي مونجھارا چٽا ٿي ويا.ڪيئي ڳنڍيون کلي ويون. هڪ ڳالهه حتمي طور سامهون آئي آهي ته ناڪاري يا هاڪاري رخن جي جو وقت ختم ٿي ويو آهي. فيصلو حتمي آهي ته نواز شريف 21 آڪٽوبر جي شام پاڪستان پهچندو. هن مون کي پنهنجي پروگرام جي تفصيلن کان اڳ ئي آگاهه ڪيو ھو۽ چيو ھو ته اهو فيصلو سمورن لاڳاپيل معاملن کي ڏسڻ کان پوءِ ڪيو ويو آهي. 21 آڪٽوبر تي پنهنجي آمد بابت ميان صاحب مون کي هڪ مهينو اڳ رازداري سان ٻڌايو هو، پر مون ان کي راز ۾ رکيو.
فيصلو ٿيو ويو ته اسين صبح جو 8 کان11 وڳي وچ ۾ ملندا رھنداسين. جئين يڪسوئي سان ڳالهيون ڪري سگهون. اهو سلسلو اڱاري کان جمعي تائين جاري رهيو. 11 وڳي بعد مصروفيتن جو سلسلو نمايان هو. ميان صاحب لاءِ ڪافي صلاحون هيون. جيڪو به پي آيو گلن جي گلدستو ۽ نصحتين جي ٽوڪري کڻي پئي آيو. هن وٽ اڌ درجن کن تقريرن جا ڊرافٽ به سٿيا پيا هئا. مهمانن جي گھڻائي۽ تجويزن جي ڪثرت جي باوجود ميان صاحب جي روئي مان بيزاريءَ جي جھلڪ نھ نظري پئي. جسٽس (ر) نويد احمد خواجا، جهاز اغوا ڪيس ۾ سندس وڪيل هو. جڏهن اهو ملاقات لاءِ آيو ته ميان صاحب پراڻين يادن جا دستا کوليا.ٻڌايائين ته ”صديقي صاحب! خواجه صاحب هائيجيڪنگ ڪيس ۾ منهنجو وڪيل هو. هڪ ڏينهن جڏهن عدالت هلي پئي ته خواجه صاحب دليل ڏنا ته منهنجي اصيل جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.
جمعي جو ڏينھن دفتر ۾ الوداعي ڏينهن هو.هن صحافين سان ملاقات ڪئي، جن چئن سالن کان سندس مصروفيتن کي ڪوريج ڏني ھئي.پرڏيهي ملڪن جي وفدن سان ملاقات ڪئي. مقامي ڪارڪنن جي وڏي انگ سان انفرادي طور ملاقات ڪئي. تصويرون ڪڍرايون، سڀني کي گھر جي ماني کارائي،ڪي انھن مان ڏکارا ھئا.ڪي خوش ھئا تھ آخر ڪار ميان نواز شريف گهر وڃي رهيو آهي.
پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ افواهن ۽ ڪوڙ جي بازار گرم آهي، پر انشاءَ الله ميان صاحب جو پروگرام حتمي آهي. منهنجي ڄاڻ موجب ھو نھ چين پيو وڃي نھ ئي قطر. دوحا ايئرپورٽ تي عمري لاءِ سعودي عرب وڃڻ واري رستي تي فلائيٽ تبديل ڪرڻ لاءِ ٿوري دير ترسي سگهي ٿو. عمري کان پوءِ ڪجهه ڏينهن مديني ۾ گذاريندو. وطن واپسي کان ٻه ڏينهن اڳ متحده عرب امارات پهچڻ ۽ 21 آڪٽوبر جي شام لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ جو پروگرام فائنل آهي. 21 آڪٽوبر تي ئي هڪ ٻي ننڍڙي اڏام بھ گڏ اچي سگهي ٿي، پر اھو تجسس برقرار رهڻ گهرجي.
جمعي جي ٽپھري، ميان صاحب کي آفيس کان گهر رواني ٿيڻ وقت ڪارڪنن جي وڏي ميڙ الوداع ڪيو. روڊ جي ٻئي پاسي ٻه نوجوان ڇوڪريون ۽ هڪ ڇوڪرو پي ٽي آءِ جو جهنڊو بلند ڪري ميگا فون تي ”چور چور، ڊاڪو ڊاڪو“ جا نعرا هڻي رهيا هئا. ڪارڪنن ”وزيراعظم نواز شريف“ جي پرجوش نعرن جي گونج ۾ ميگا فون جي جو آواز دٻجي ويو.
نواز شريف جي جلاوطنيءَ جو عرصو ،سندس دور اقتدار کان گهڻو وڌيڪ آهي. هو مجموعي طور سوا نو سال وزيراعظم رهيو، پر قيد کان علاوه کيس يارنهن سال جلاوطني ۾ رهڻو پيو. پهريون ڀيرو 10 ڊسمبر 2000ع کان 25 نومبر 2007ع تائين، اٽڪل ست سالن لاءِ جبري جلاوطن ڪيو ويو. آگسٽ 2007ع ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته ڪنهن به پاڪستاني شهري کي پنهنجي وطن اچڻ کان روڪي نٿو سگهجي. جڏهن ميان صاحب اهو فرمان ھٿ ۾ کڻي وطن آيو ته مان ساڻس گڏ هوس. کين لائونج مان ٻاھر نھ نڪرڻ ڏنو ويو.ڪمانڊوز کيس ڌڪا ڏيندا هڪ ٻئي جهاز ڏانهن کڻي ويا، جيڪو کيس هڪ ڀيرو ٻيهر جده جي ڪنگ عبدالعزيز ايئرپورٽ تي رائل ٽرمينل (جده) ڏانهن وٺي ويو.
آڪٽوبر 2007ع ۾ محترمه بينظير بينطير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري جڏھن پاڪستان آئي تھ مشرف جي سمورين ڪوششن جي باوجود سعودي عرب ميان صاحب کي پاڪستان وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ هو 25 نومبر 2007ع تي لاهور پهتو. سخت بيماريءَ جي حالت ۾ حڪومت ۽ عدليه کيس 19 نومبر 2019ع تي لنڊن وڃڻ جي اجازت ڏني. صحت جي مسئلن ۽ پاڪستان جي نواز دشمن، ناانصافي واري ماحول هن جي جلاوطني کي چئن سالن تائين وڌائي ڇڏيو.
هو ڏکن ۽ سورن جا قصا گهٽ ئي ٻڌائيندو آهي. هڪ ڏينهن، آفيس جي ننڍڙي روم ۾ ويٺي، گهڻي دير تائين ماضيءَ جي رک کي کرڙيندو رھيو.ايتري تائين جو مان هن جي چهري تي لنڊن جي ڳاڙهسرن بادلن جي سنو لائٽ محسوس ڪرڻ لڳس. اٿڻ مهل هن پنهنجو موبائيل فون آن ڪيو ۽ مون کي ڏيکاريائين.پس منظر ۾ وال پيپر تي لڳل ڪلثوم نواز جي جواني جي تصوير مسڪرائي رهي هئي. ڪلثوم جي ’بائو جي‘ منهن ٻئي طرف ڦيرايو ۽ هڪ سادو ۽ معصوم جملو چيو، ”ھي مون کي ڏاڍي ياد اچي ٿي“.