لاهور(م ڊ)لاهور ۾ مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا ضل الرحمان ملاقات ڪئي.فضل الرحمان ۽ شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جي يو آءِ سربراهه نواز شريف جي وطن واپسي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.فضل الرحمان چيو ته نواز شريف جي وطن واپسي پاڪستان لاءِ خوشخبري آهي، سچ سامهون اچي ويو آهي ته نواز شريف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو.