نوابشاهه(رپورٽ: ايم بي چانڊيو) بينظير گرلز پبلڪ اسڪول جي نياڻين کي بس ذريعي اسڪول کڻي ايندڙ نوجوان ڊرائيور محمد ملازم زرداري جو لاش اسڪول بس ۾ ڦاهو لڳل حالت ۾ مليو، نوابشاهه قاضي احمد روڊ تي واقع ضلعي جي ٻهراڙين جي نياڻين کي مفت معياري تعليم فراهم ڪندڙ سرڪاري اداري بينظير پبلڪ اسڪول فار گرلز نوابشاهه جي بس هلائيندڙ ڊرائيور 25 ورهين جي محمد ملازم حسين ولد باغ علي زرداري جو مبينه ڦاهو لڳل لاش اسڪول جي شاگردياڻين کي گهران اسڪول کڻي ايندڙ ۽ ويندڙ بس ۾ مليو، لاش کي پي ايم يو اسپتال آڻيندڙ اسڪول جي ايڊمِن آفيسر علي ڏنو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بس جو ڪلينر اوچتو اسان ڏانهن ڊوڙندو آيو ۽ ٻڌايو ته ڊرائيور محمد ملازم خودڪشي ڪري ڇڏي آهي اسان کي خبر پوندي ئي سندس لاش کڻي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه پهچايو آهي اسان کي خودڪشي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو، نوجوان محمد ملازم زرداري جو لاش نوابشاهه جي علائقي حقاني ٽائون ۾ جڏهن گهر آندو ويو ته گهر ۾ ڪُهرام مچي ويو ۽ هڪ ڳڀرو نوجوان جي خودڪشي واري موت سبب سموري پاڙي ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي.