اسرائيل جو رويو رياست بدران تنظيم جهڙو آهي: ترڪ صدر

انقره(م ڊ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته اسرائيل جو رويو رياست کان وڌيڪ هڪ تنظيم جهڙو آهي.استنبول مان جاري  ڪيل بيان ۾ ترڪ صدر چيو ته شهري علائقن تي بمباري، شهرين جو قتل ۽ انسانيت جي امداد روڪڻ رياست جا نه پر ڪنهن اداري جا عمل آهن.صدر رجب طيب اردگان چيو ته جنگ جو ضابطو هجڻ گهرجي، ڌرين کي ان جو احترام ڪرڻ گهرجي.

آمدني کان وڌيڪ اثاثا: ڪسٽم انسپيڪٽر جي ضمانت درخواست رد

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ قائم اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن (وفاقي) عدالت، آمدني کان وڌيڪ اثاثا، جديد پرڏيھي  ھٿيار ۽ جھنگلي جانورن جون کلون رکڻ جي الزام ۾ ايف آئي اي پاران گرفتار ڪسٽم انسپيڪٽر سيد مومن شاھ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت ۾ ايف آئي اي پاران ڪيس جو عبوري چالان پڻ پيش ڪيو ويو، جنھن بعد عدالت ڪيس ۾ نامزد چئن مفرور ڪسٽم اھلڪارن اختر حسين زرداري، اقبال احمد مڱريو، عدنان ۽ ذوالفقار علي جمالي ۽ مومن شاھ جي ڊرائيور سميع جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پوپ فرانسس پاران غزا جي مڪمل ناڪابندي تي ڳڻتي جو اظهار

ويٽيڪن سٽي(م ڊ) عيسائين جي مذهبي اڳواڻ پوپ فرانسس غزه جي مڪمل ناڪابندي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو  آهي.پوپ فرانسس غزا ۾ اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته غزاجي مڪمل بندش تي سخت خدشا آهن.پوپ فرانسس چيو آهي ته دهشتگردي، انتهاپسندي، نفرت، تشدد ۽ انتقام سڀني لاءِ مصيبت جو سبب بڻجن ٿا.

محتسب اعليٰ سنڌ جي مداخلت تي بيواهه کي ادائيگي ۽ پٽ کي فوتي ڪوٽا تي نوڪري

ڪراچي (رپورٽر) محتسب اعليٰ سنڌ اعجاز علي خان ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ان جي مداخلت سان بيواهه کي مرحوم  مڙس جي سروس جي رهيل ادائيگي ۽ پٽ کي فوتي ڪوٽا تي نوڪري ملي وئي. شڪايت ڪندڙ فوزيه پروين پنهنجي شڪايت ۾ چيو ته سندس مڙس ڊي ايم سي سينٽرل ۾ وارڊ بواءِ هو جيڪو جولاءِ 2017ع ۾ سروس دوران فوت ٿي ويو، جنهن بعد هن پنهنجي مرحوم مڙس  جي رهيل ادائيگي ۽ پٽ کي فوتي ڪوٽا تي نوڪري لاءِ لاڳاپيل کاتي سان رابطو ڪيو ۽ بار بار درخواست جي باوجود ان جو مسئلو حل نه ٿيو ان لاءِ محتسب اعليٰ سنڌ کان مداخلت جي درخواست ڪئي. شڪايت کي منظور ڪندي لاڳاپيل کاتي کي خط لکيو ويو، جنهن جي جواب ۾ کاتي پاران پينشن، گريجوئٽي، پروويڊنٽ فنڊ مالي امداد جي مد ۾ سمورين رهيل ادائيگن کان علاوه ڄاڻايل شڪايت ڪندڙ جي پٽ کي فوتي ڪوٽا تي وارڊ بواءِ جي طور تي مقرر پڻ ڪيو ويو.

ميرپورخاص ۾ تعليمي بورڊ جو ملازم فائرنگ ۾ زخمي

ميرپورخاص(بيورو) ميرپورخاص جي علائقي سمن آباد جي رهواسي تعليمي بورڊ جي ملازم عامر کي نامعلوم هٿياربندن  فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو فائرنگ ۾ زخمي ٿيل بورڊ ملازم کي علاج لاءِ سول اسپتال ميرپورخاص داخل ڪيو ويو آھي واقعي جي اطلاع تي حد جي محمود آباد ٿاڻي جي پوليس زخمي بورڊ ملازم جو بيان وٺڻ بعد تعليمي بورڊ جي ٻي ملازم معظم علي کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آھي پوليس ذريعن موجب زخمي بورڊ ملازم عامر پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته تعليمي بورڊ جي ملازم معظم علي سان سندس تڪرار هلندڙ ھو جنهن تي معظم ۽ سندس هڪ نامعلوم ساٿاري منهنجي مٿان حملو ڪري گولي هڻي فرار ٿي ويا آھن

اسرائيلي دوري تي آيل برطانوي پرڏيهي وزير جي سائرن وڄڻ تي ڊوڙ

تل ابيب(م ڊ)برطانوي پرڏيهي وزير جيمز ڪليورلي، جيڪو اسرائيل جي دوري تي آهي، سائرن وائرل ٿيڻ سان ئي پناهه لاءِ  ڊوڙ لڳائي  ڇڏي، برطانوي پرڏيهي وزير جي اسرائيل جي دوري دوران راڪيٽ حملي جا سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا جڏهن هو پنهنجي اسرائيلي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو.هي وڊيو اسرائيلي پرڏيهي وزارت جي سرڪاري ايڪس اڪائونٽ طرفان جاري ڪئي وئي آهي. جيمس ڪليورلي اسرائيل کي برطانوي حمايت جو يقين ڏيارڻ لاءِ پهتل آهي

افغانستان ۾ ٻيهر 6.3 جي شدت جو زلزلو، 80 ڄڻا زخمي

ڪابل (م ڊ)افغانستان جي صوبي هرات ۾ اربع ڏينهن صبح جو آيل زلزلي سبب 80 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو  ويو آهي. زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.3 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن جو مرڪز ملڪ جي ٽين وڏي شهر هرات کان 34 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾ 10 ڪلوميٽرن جي اونهائي ۾ هو.

ڪراچي: پابندي مڙهيل تنظيم لاءِ چندو جمع ڪندڙ جوابدار جي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪالعدم تنظيم (جيش محمد) لاءِ چندو جمع ڪندڙ جوابدار رحيم الحق جي ضمانت  2لک ۾ منظور ڪري ورتي، جوابدار جي وڪيل جوچوڻ آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار جي ضمانت رد ڪئي هئي، عدالت ۾ سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته جوابدار 23 اپريل 2023ع جو لائنز ايريا جي علائقي مان سي ٽي ڊي گرفتار ڪيو، جوابدار جي قبضي مان ڪالعدم تنظيم لاءِ چندو جمع ڪرائڻ جون رسيدون مليون، جوابدار جي وڪيل چيو ته منهنجي موئڪل جو ڪهڙي به ڪالعدم نتظيم سان تعلق نه آهي .جوابدار کي مسجد جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، ڪو به ثبوت ناهي.

ڪراچي ۾ بنگلي مالڪ ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، فائرنگ ۾ ڏوهاري زخمي

ڪراچي (رپورٽر ) گلبرگ ۾ هٿياربند جوابدار ڦر جي ارادي سان بنگلي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته بنگلي جي مالڪ  منصور فائرنگ ڪري هڪ جوابدار کي زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا، بنگلي جي مالڪ پوليس کي بيان ڏنو آهي ته 4 جوابدار گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته مان جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني،  فائرنگ ۾ جوابدار زخمي ٿي پيو، جوابدارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ گهر جي ڀت، شيشي ۽ ڪار کي نقصان پهتو، ٽن جوابدارن سان گڏ هڪ  زخمي جوابدار حالت ۾ فرار ٿي ويو.

 خديجه شاهه جي ضمانت جي ٻن درخواستن تي فيصلو محفوظ

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ 9 مئي جي واقعن ۾ جناح هائوس حمي ۽ ٻين الزامن تحت داخل ڪيسن ۾ گرفتار اڳوڻي ناڻي واري وزير ڊاڪٽر سلمان شاهه جي ڌيءَ  فيشن ڊزائنر خديجه شاهه جي ضمانت وارين ٻن درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جسٽس مس عاليه نيلم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. خديجه شاهه عسڪري ٽاور ۽ جناح هائوس حملي ڪيسن ۾ ضمانت جون درخواستون داخل ڪيون آهن. ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته خديجه شاهه ايف آءِ آر م نامزد آهي؟ اسپيشل پراسيڪيوٽر  عدالت کي ٻڌايو ته خديجه شاهه ايف آءِ آر ۾ نامزد ناهي، رياست خلاف نعريبازي جو الزام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.