نوابشاهه : ڊاڪٽرياڻين جي هاسٽل ۾ اڻ ڄاتل شخص داخل

نواب شاھ(رپورٽ: ايم بي چانڊيو) پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي فار گرلز نواب شاھ جي نيو ڪئمپس جي ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين  جي ھاسٽل ۾  نامعلوم ماڻھو داخل ٿي ويو جنھن بعد ھاسٽل ۾ رھندڙ شاگردياڻين ۾ ڀاڄ پئجي وئي خوف مان شاگردياڻيون  رڙيون ڪنديون رھيون اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز طلب ڪئي جنھن بعد شاگردياڻين کي ھاسٽلن مان ڪڍي ھڪ طرف ڪيو ويو ھاسٽلن کي رينجرز ۽ پوليس گھيري ۾ آڻي ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار ٿيندڙ شخص جي سڃاڻپ مورو جي رھواسي غلام شبير ماڇي جي نالي سان ڪئي وئي انھي سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي جاويد لاکير ٻڌايو ته ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آھي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا جڏھن ته يونيورسٽي جي ھاسٽلن جي سيڪيورٽي انچارج ڊاڪٽر عمران جمالي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان فون اٽينڊ نه ڪئي جڏهن ته ٻڌايو وڃي ٿو ته گرفتار ٿيندڙ غلام شبير ماڇي موالي آھي ھاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪيتريون ئي ھائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽرياڻيون خوف ۾ بيھوش ٿي ويون اسان انهن جي وڊيوز ٺاهيون ته ھاسٽل پرووسٽ اسان کان زبردستي اھي وڊيوز ڊليٽ ڪرائي ڇڏيون آهن شاگردياڻين جو چوڻ آهي ته ھاسٽل ۾ ٻٽ ٻڌل 2 ٻن کان به وڌيڪ ماڻهو داخل ٿيا آهن ھڪ کي پوليس ۽رينجرس گرفتار ڪري ورتو آهي باقي ڪيڏانهن گم ٿي ويا اھا ڳالھ سمجھ کان ٻاهر آهي ھنن وڌيڪ چيو ته ان واقعي جي گھرائي سان جاچ ڪرائي وڃي ۽ ھاسٽل جي سيڪيورٽي وڌائي وڃي ٻئي صورت ۾ اسان پڙھائي ڇڏي پنهنجي گهر ھليا وينداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.