راضي ديرو/ (رپورٽ: خالد حسين کهڙو ) راضي ديرو ڀرسان ڪچي واري علائقي علي نواز سيال ڪيٽي جي ڳوٺ محبوب ڪلهوڙي ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي ۽ سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو، 6 ڄڻا کان مٿي زخمي ٿي پيا، ذريعن موجب ڳوٺ علي نواز سيال ۾ قتل ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ علي جان سيال طور ٿي، ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ڳوڌيڪ خونريزي جو خدشو وڌي ويو آهي، ، فائرنگ سبب زخمي ٿيلن کي پوليس گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو.