ڪراچي (م ڊ) نوبل انعام يافته سماجي ڪارڪن ملاله يوسفزئي حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ طوري فور تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي، ڇنڇر جي ڏينهن فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ شروع ٿيل شديد جهڙپون پنجين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويون، هن وقت تائين فلسطين ۽ اسرائيل جو وڏو جاني نقصان ٿي چڪو، ان حوالي سان ملاله يوسفزئي ايڪس تي بيان جاري ڪيو ۽ چيو ته جيئن ته مون هلندڙ ڏينهن ۾ دل ڏکائيندڙ خبرون ڏٺيون آهن، ان دوران منهنجو ڌيان فلسطيني ۽ اسرائيلي ٻارن جي طرف آهي جيڪي جنگ جي صورتحال ۾ شديد متاثر ٿيا آهن، جنگ بندي جو مطالبو ڪندي ملاله پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪيو ۽ لکيو ته مان صرف 11 ورهين جي هيس ته مان پنهنجي آسپاس دهشتگردي ۽ تشدد جهڙو ماحول ڏٺو، صبح سويري اسان مارٽر گولن جي آوازن سان اٿندا هئاسين، هن چيو ته جنگ سدائين ٻارن تي اثر انداز ٿيندي آهي، حماس ۽ اسرائيل کي جنگ بندي ڪرڻ گهرجي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ناظر، ايڊيشنل رجسٽرار ۽ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججن جون بدليون ۽ مقرريون ڪري ڇڏيون، وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان ڏکڻ ضلعي ۾ مقرر ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منور علي لوڌي کي عھدي تان ھٽائي رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، سينٽرل جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جاويد ڪيريو کي بدلي ڪري ضلعي ڏکڻ مقرر ڪيو ويو، اتان منور علي لوڌي کي ھٽايو ويو، سنڌ هاٰءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار او ايس محمد علي ميمڻ کي بدلي ڪري ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج 3 دادو مقرر ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورت جي ناظر سهيل احمد مشوري کي ايڊيشنل سيشن جج اولهه مقرر ڪيو ويو، اتان کان محمد جهانگير خان کي هٽايو ويو، لاڙڪاڻي سرڪٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار رجب علي شر کي بدلي ڪري ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر مقرر ڪيو ويو، سينيئر سول جج صدر الدين ڀيو کي به ڪراچي سينٽرل مان هٽائي حيدرآباد ڏانهن روانو ڪيو ويو، جڏهن اتان ثابت علي شاهه کي هٽائي ڊپٽي رجسٽرار حيدرآباد سرڪٽ بئنچ مقرر ڪيو ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان جي منظوري سان لاڳاپيل آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.