ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جي قيادت ۾ جماعت اسلامي جي وفد سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم عرفان سان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران محمد حسين محنتي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ سارين جو ٽڪو ملھج، ناجائز ڪٽوٽين جو نوٽيس وٺي آبادگارن سان ناانصافي بند ڪئي وڃي، چونڊن کان اڳ ۾ غير جانبدار آفيسر مقرر ڪري سنڌ ۾ اڻ ڌريون ۽ شفاف چونڊن کي يقين بڻايو وڃي، انفرااسٽڪچر سميت ترقياتي ڪمن ۾ تيزي، ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت لاءِ فوري ۽ ڪرپشن فري قدم کنيا وڃن، گوڊ گورننس ۽ عوام جي داد رسي لاءِ ڪرپشن جو خاتمي ۽ آفيسرن کي وقت سر اچي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخرعالم عرفان سنڌ جي ترقي توڙي عوام جي ڀلائي لاءِ هرممڪن ڪوششون وٺڻ جو جماعت اسلامي جي وفد کي يقين ڏياريندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي هڪ ڪمري جي گهرن جي اڏاوتن جو ڪم شروي ڪيو ويو آهي. ورلڊ بنڪ جي تعاون سان سنڌ ۾ 6 لک گهر ٺاهي ڏنا ويندا.