ڪراچي(رپورٽر) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو قدر وڃائجڻ جو سلسلو جاري آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 279 رپيا 51 پئسا آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو سستو ٿيو، جڏهن ته هلندڙ ڪاروباري هفتي جي ٽن ڏينهن ۾ ڊالر 3 رپيا 18 پئسا سستو ٿي چڪو آهي. هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر هڪ رپيو سستو ٿي 279 رپين جو ٿي ويو آهي.