سهيل ناصر ڊپٽي چيئرمين نيب، ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي ڪابينا سهيل ناصر کي ڊپٽي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 3 آڪٽوبر واري فيصلي جي توثيق ڪئي وئي. ذريعن موجب ڪابينا سهيل ناصر کي ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ احتشام قادر کي پراسيڪيوٽر جنرل نيب بڻائڻ جي منظوري ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ مالياتي صلاحڪار جي مقرري جي به منظوري ڏني وئي. ان کان علاوه ڪابينا 2 جوابدارن جي حوالگي بابت گهرو وزارت جي سمري جي به منظوري ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.