مٽياري ڀرسان جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ ننهن ۽ ٻن نوجوانن کي قتل ڪري ڇڏيو

مٽياري/ اڏيرولعل وليج (رپورٽ: ضمير خاصخيلي/ معشوق علي قمبراڻي) مٽياري ويجهو سھري ڪارنھن الزام ھيٺ ننھن ۽ ٻن نوجوانن کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوانن جي وارثن جو احتجاج، ڳوٺ ڪرم خان  لاشاري ۾ گذريل رات دير سان حيات لاشاري ڪارنھن الزام ھيٺ بندوق جا فائر ڪري پنھنجي ننھن مسمات رضيه زال محمد علي لاشاري ۽ ٻن نوجوانن اڏيرو لال ويجھو ڳوٺ بچل ھنڱورو جي رھواسي نبي بخش ولد ڪانڊيرو کوسو ۽ اڪن ولد خميسو کوسو کي قتل ڪري ڇڏيو، کيبراڻي پوليس ٽنھي مقتولن جا لاش تعلقي اسپتال مٽياري پھچايا ويا، ايس ايڇ او کيبراڻي موجب ڪارنهن مسئلي تان سُھري پنھنجي ننھن ۽ ٻن نوجوانن کي قتل ڪيو آھي، ڪارنھن الزام ھيٺ ٽن ڄڻن کي قتل ڪندڙ حيات خان لاشاري بندوق سميت پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي، جوابدار جو چوڻ ھو ته رات جو دير سان ننڊ مان سجاڳي ٿي ته ننھن جي ڪمري مان سرسراھٽ جو آواز آيو، اندر وڃي ڏٺو ته ننھن ٻن نوجوانن سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ھئي غيرت ۾ اچي ٽنهي کي قتل ڪيو، ڪو به پڇتاءُ ناهي، ٻنھي نوجوانن جي وارثن امام بخش کوسو، علي خان کوسو، ٽوھ کوسو ، صديق کوسو ، ولي کوسو ۽ کوسا اتحاد اڳواڻن عبدالرزاق کوسو ۽ خالد کوسو سان گڏ مٽياري تعلقي اسپتال اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ٻنهي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، ٻنھي کي گذريل ڏينھن ڪرم خان لاشاري ۾ دوستن دعوت ڏئي گھرايو ھو جتي ٻنھي کي قتل ڪيو ويو آھي، ڪارنھن الزام سراسر ڪوڙو آھي، مظاھرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد توڙي ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.