ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي شاھ فيصل ڪالوني ۾ تعمير هيٺ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب مزدور سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، شاهه فيصل ڪالوني نمبر 5 ۾ تعمير هيٺ گهر جي ڇت ڪري پئي، نتيجي ۾ پورهيتن سميت 4 ڄڻا فوت ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون، امدادي ٽيمن ملبي هيٺان دٻيل مزدورن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اکين ڏٺن شاهدن موجب، واقعي وقت عمارت ۾ 8 کان 9 ماڻهو موجود هئا، جن ۾ ڪاريگر ۽ ريتي کڻندڙ ڪندڙ مزدور به شامل هئا. عمارت ڪرڻ سبب ٻارن جون شيون وڪرو ڪندڙ هڪ شخص پڻ ملبي هيٺ دٻجي فوت ٿي ويو. ڊپٽي ڪمشنر موجب ملبي مان وڌيڪ 3 لاش ڪڍڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو، جڏهن ته ڪجهه مزدور اڃا تائين ملبي هيٺ دٻيل آهن، جن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي، گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري شاهه فيصل ڪالوني ۾ زير تعمير عمارت ڪرڻ سبب فوت ٿيندڙ مزدورن تي افسوس جو اظهار ڪندي ڪمشنر ڪراچي کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.