لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ بهاول ڪلهوڙو ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن پنجاب جي شهر ٽوبه ٽيڪ سنگهه واسي 42 سالن جي همراهه ارسلان پٽ جميل احمد پنجابي مهر کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ڊي ايس پي بشير احمد شر ٻڌايو ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي، شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته مقتول نوجوان جي ڀاءُ محمد امجد پنجابي مهر ڪجهه وقت اڳ ڳوٺ محمد بهاول ڪلهوڙو واسي صديق ڪلهوڙو جي ڌيءَ عابده سان پسند جو پرڻو ڪيو جنهن کان پوءِ صديق پنهنجي ڌيءَ عابده جي اغوا جو ڪيس محمد امجد، آفتاب شيخ سميت 3 جوابدارن مٿان داخل ڪرايو جنهن ڪيس ۾ محمد امجد جيل ڀوڳي رهيو آهي ۽ اهڙي ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي (اڄ) سيشن ڪورٽ ۾ رکيل آهي. جنهن جي سلسلي ۾ ارسلان لاڙڪاڻي آيل هو ته جوابدار ڌر جي ماڻهن کيس ٺاهه لاءِ ڌوڪي سان ڳوٺ گهرائي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، اطلاعن تائين مقتول جا وارث لاڙڪاڻي نه پهتا هئا، نه ئي اهڙو ڪيس داخل ٿيو