لاڙڪاڻي ۾ 8 ٻارن جي ماءُ آپگهات ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي يار محمد ڪالوني  جي رهواسڻ 8 ٻارن جي امڙ عورت مهتاب خاتون زال گدا حسين منگي مبينا طور گهرو اڻبڻت تان نيو بس اسٽينڊ وٽان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس پهچي ريسڪيو 1122 جي ٽيم ۽ ٽوٻن کي گهرائي عورت جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. ان موقعي تي خودڪشي ڪندڙ عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته مهتاب خاتون ڪنهن ڳالهه تان گهر وارن سان ڪاوڙجي رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي اهڙو قدم کنيو پوليس جو چوڻ آهي ته ريسڪيو ٽيمن کي طلب ڪري عورت جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، ڪوشش آهي ته اڄ رات ئي لاش جي ڳولا ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.