لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي دستي دنيا جي ڏکئي ترين فوجي مقابلي ۾ چاندي جو ٻلو کٽي ورتو.
برطانيا ۾ ٿيندڙ ڪيمبرين پيٽرول جو شمار فوج جي ڏکين ترين مقابلن ۾ ٿيندو آهي.
لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ مقرر آرمي ۽ ائير اتاشي ڪرنل تيمور راحت موجب اهو مقابلو 1959 کان ٿيندو پيو اچي، عالمي سطح تي ان مقابلي کي نيٽو جو سڀ کان ڏکيو پيٽرولنگ مقابلو سمجهيو ويندو آهي.
ڪرنل تيمور راحت ٻڌايو ته مقابلي ۾ مجموعي طور تي 113 ٽيمون شامل هيون، جن ۾ ڀارت سميت 39 عالمي ٽيمون به هيون، پاڪستاني دستو 67 پنجاب رجمينٽ تي ٻڌل هو، جنهن جي قيادت ليفيٽننٽ اويس عثمان ڪئي.
هن چيو ته پاڪستاني دستي جي ڪاميابي ۾ ٽيم مئنيجر ميجر اسامه ۽ آبزرور ميجر حسيب اهم ڪردار ادا ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ڪيمبرين پيٽرولنگ ۾ ٽيمون 60 ڪلو ميٽر جي علائقي ۾ 48 ڪلاڪن جي مشقن ۾ حصو وٺنديون آهن، مقابلن ۾ جنگ جهڙي صورتحال هوندي آهي، مقابلي ذريعي فوجين جي جسماني، ذهني ۽ برداشت جو اعليٰ درجي جو امتحان ورتو ويندو آهي.
پاڪستان آرمي جي 67 پنجاب رجمينٽ مقابلي ۾ غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو.
Prev Post
Next Post
You might also like