سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سمورن گم ٿيلن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم 

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني 10 کان وڌيڪ گم  ٿيل ماڻهن جي  آزادي جي لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت طرفان پوليس جي رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو، عدالت گم ٿيل ماڻهن جي فوري آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت گهروکاتي، بچاءُ واري  کاتي سميت ٻين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جنهن کي جبري گم ڪيو ويو آهي ان جي گهروارن کي معاوضو ڏنو وڃي، گم ٿيل ماڻهن ۾ سيد صائم علي، نعيم، ثاقب، طلحه، عطاءٌالله، خليل الرحان، راشد، عابد، محمد فرقان سميت ٻيا شامل آهن، ڪجهه شهري 8سالن کان گم آهن، جيڪي هن وقت تائين آزاد نه ٿي سگهيا.

381 پاڻي چورن خلاف ڪارروائي، ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي آبپاشي واري وزير ايشور لال چيو آهي ته  پاڻي چوري ڪندڙن خلاف سخت قدم کڻندي هن وقت  تائين 381 پاڻي چورن خلاف 81 ڪيس داخل ۽ 374 غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽيا آهن. ايشور لعل خبردار ڪيو آهي ته پاڻي چوري ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سکر بئراج جي کاٻي پاسي لاڙڪاڻي واري علائقي ۾ هڪ، مٽياري ۾ 4، بدين ۾ 4، ٽنڊوالهيار ۾ 2 ۽ خيرپور ۾ 2 ڪيس داخل ٿيا آهن،

نيب کي ثبوت نه مليا، خواجا ڀائر پيراگون ريفرنس مان آجا

اسلام آباد(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ريفرنس ۾ خواجا سعد رفيق ۽ خواجا سلمان رفيق کي بيگناهه قرار ڏئي ڇڏيو. نيب رپورٽ  موجب خواجا سعد رفيق ۽ خواجا سلمان رفيق خلاف ڪرپشن جا ڪي به ثبوت نه مليا، ان ڪري خواجا ڀائرن خلاف ريفرنس تي وڌيڪ ڪارروائي جي ضرورت ناهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پيراگون هائوسنگ سوسائٽي عزيز ڀٽي ٽائون مان منظور ڪئي وئي آهي، پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ايل ڊي اي کان منظور نه آهي،  ان ڪري ايل ڊي اي ريگيوليٽر جي حيثيت سان ننڍين شڪايتن جو ازالو ڪري. نيب استدعا ڪئي ته پيراگون ريفرنس ايل ڊي اي ڏانهن موڪليو وڃي. لاهور جي احتساب عدالت نيب جي درخواست تي ريفرنس ايل ڊي اي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

نواز شريف پاڪستان جي بهتر مستقبل لاءِ اچي رهيو آهي: محمد زبير

ڪراچي (رپورٽر) نواز ليگ جي اڳواڻن جي ڪراچي بار جي عهديدارن سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ ڪنونير نوازشريف استقباليه ڪميٽي سنڌ جي بشير ميمڻ ۽ اڳوڻو گورنر سنڌ محمد زبير سميت وڪيلن جو  وڏو انگ موجود هو، بشيرميمڻ ۽ محمد زبير چيو ته پاڪستان سجاڳ ٿي ويو آهي، نواز شريف اچي رهيو آهي، هو پاڪستان جي بهتر مسقبل جي لاءِ اچي رهيو آهي، محمد زبير چيو ته نواز شريف 21 آڪٽوبر تي اچي رهيو آهي، هن چيو ته 2007ع ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جي بحالي لاءِ تحريڪ هلائي هئي جنهن ڪري بحال ٿيو . هن چيو ته نواز شريف سمجهي رهيو آهي ته پاڪستاني عوام جا وڌيڪ معاملا آهن ،هن چيو ته اسان نواز شريف جي استقباليه جي لاءِ وڪيلن کي دعوت ڏئي رهيا آهيون .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.