خيرپور (رپورٽ: شاهد نواز سيال ) خيرپور جي بدنام ڌاڙيل بيگو مري جو وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل، پوليس ۾ موجود ڪاريون رڍون، سياستدانن ۽ ظالم وڏيرا ڌاڙيل ڪلچرل پيدا ڪن ٿا، ڦرن، ڌاڙن، قتلن، اغوا براءِ ڀنگ سميت سنگين نوعيت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل خيرپور جي بدنام ڌاڙيل بيگو خان مري جو وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، وڊيو پيغام ۾ بيگو مري چيو ته علي محمد مري وارن جي مامري تان خيرپور پوليس ۾ موجود ڪاريون رڍون زيادتيون ڪري رهيون آهن، غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کي بنا جواز گرفتار ڪري انهن کان 10 لک ۽ 12 لک وٺي کين آزاد ڪيو پيو وڃي، وڏيرا ۽ سياستدان پوليس جا وانگاري بڻجي ڌاڙيل ڪلچر کي پيدا ڪن ٿا، بيگو مري جو چوڻ هو ته اڳوڻو ايم اين اي ۽ بااثر وڏيرو سهولتڪار آهي. ڌاڙيل بيگو مري پاران ايس ايس پي خيرپور کي پاڪ ڪتاب ۽ سندس امڙ جي کير جا واسطا ڏئي انصاف لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي وئي.