اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ماڙي پيٽروليم گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪري ورتا.
ماڙي پيٽروليم طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي مان گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪيا ويا.
پڌرائيءَ موجب انهن ذخيرن سان شروعاتي طور تي روز هڪ ڪروڙ 11 لک مڪعب فٽ گئس حاصل ٿيندي.
ماڙي پيٽروليم موجب تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ 1016 ميٽر اونهو کوهه کوٽيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ذخيرا دريافت ٿيا.
You might also like