والاريل بيت المقدس(مانٽرنگ ڊيسڪ ) غزه ۾، جتي اسرائيلي فوج پاران قبضو ڪيل گاڏيون روڊن تان ڊوڙندي ڏٺيون ويون، شروعاتي جشن جون تصويرون سامهون آيون. هڪ نوجوان شهري اوڀر يروشلم ۾ يهودين جي وڌندڙ تعداد جو حوالو ڏيندي بي بي سي کي ٻڌايو ته ”مان حماس جي ڪيل ڪمن مان خوش آهيان.
هنن الاقصيٰ ۾ اسرائيلي ڪاررواين جو بدلو ورتو.اسرائيلي هوائي حملن کانپوءِ فلسطيني اسپتالون زخمين سان ڀريل آهن. اٽڪل 2.3 ملين فلسطيني غزه جي پٽي ۾ رهن ٿا، جتي حماس 2007 ۾ چونڊون کٽڻ بعد اقتدار ۾ آئي. ان وقت کان وٺي.
اسرائيل ۽ مصر پٽي تي سخت گهيرو رکيو آهي، جتي غربت ۽ بيروزگاري تمام گهڻو آهي.حماس هن نئين آپريشن سان هڪ ويڙهاڪ تنظيم جي حيثيت سان پنهنجي شهرت کي وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي. تنظيم جي بيان ڪيل مقصدن ۾ شامل آهي اسرائيل جي تباهي.
اسرائيل لاءِ بدترين صورتحال لبنان ۾ حزب الله لاءِ شامل ٿيڻ لاءِ هوندي هن وقت اسرائيلي فوج وڏي پيماني تي تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
غزه تي هوائي حملن جي شدت سان اهو به اشارو ڏنو ويو آهي ته هڪ زميني آپريشن جي رٿابندي پڻ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته حماس پاران اسرائيلي شهرين کي يرغمال بڻائڻ کانپوءِ اهو معاملو پيچيده ٿي ويو آهي.
اسرائيلي فوج جي ترجمان چيو آهي ته ”هن وقت اسان علائقي تي ڪنٽرول بحال ڪرڻ ۽ غزه جي پٽي جي ڀرسان علائقن ۾ وڌيڪ آپريشن ڪرڻ ۾ مصروف آهيون ۽ ان تي نظرثاني ڪئي ويندي“.
ان تي نظر ثاني ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگھي ٿو، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسرائيلي ڪيڊيا اسٽيبلشمينٽ ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ پاڻ کان پڇي رهي هوندي ته هنن اهو عمل اڳ ۾ ڇو نه ڏٺو ۽ ان جي تباهي واري نتيجن کي روڪي سگهيا؟.