راشد محمود ڀاءُ آهي، جي يو آءِ سان ڪو تعلق ناهي: صنعان قريشي

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي ) جسقم چيئرمين صنعان قريشي مٽياري پھچي مٽياري جي صحافتي ادارن جو دورو ڪري  15 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف اعلانيل ريلي جون دعوتون ڏنيون.

ان موقعي تي مٽياري جي صحافين سان ڳالهائيندي جسقم چيئرمين چيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف جسقم پاران 15 تاريخ تي حيدرآباد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي ان سلسلي ۾ پوري سنڌ ۾ نڪتل آهيون، سنڌ جي شعور کي دعوتون ڏئي رهيا آهيون.

هن چيو ته اسان جو جي يو آءِ سان ڪو تعلق ناهي باقي راشد سومرو ڀاءُ آهي ان سان خانداني واسطو آهي ھن چيو ته سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وڏي سازش ٿي رھي آهي، هن وقت ملڪ اندر وڏي مهانگائي آهي عوام سخت پريشان آھن.

جسقم چيئرمين وڌيڪ چيو ته ماڻهو بک بدحالي جو شڪار آهن، سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڌاڙيل ڪلچر کي هٿي ڏني پئي وڃي، سنڌ اندر اغوا ڪاري جون فيڪٽريون قائم ڪيون پيون وڃن، نياڻين کي اغوا ڪيو پيو وڃي، پوليس ڪو به آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار ناهي بس رڳو ميڊيا تي اچي آپريشن ڪرڻ جا سکڻا اعلان ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.