وفاقي سرڪار جي اعلان باوجود حيدرآباد ۾ افغانين جو وڏوانگ موجود

حيدرآباد(رپورٽر) وفاقي سرڪار پاران غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين جي نيڪالي جي لاءِ ڏنل وارننگ باوجود حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا، پوليس توڙي لاڳاپيل ادارن اڃا تائين ڪا تڪڙي ڪارروائي عمل ۾ نه آندي  آهي، حيدرآباد ضلعي ۾ هڪ به افغاني گرفتار نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پهرين نومبر تائين هر صورت ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ جو چيو ويو آهي، جنهن ۾ هاڻ باقي 23 ڏينهن بچيا آهن. پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جي ذريعن موجب حيدرآباد ۾ 15 هزاز کان وڌيڪ غير قانوني افغاني آباد آهن، جنهن مان ڪيترائي افغاني پنهنجا ننڍا وڏا ڪاروبار ۽ ملازمتون به ڪن پيا، حيدرآباد جي چئني تعلقن قاسم آباد، لطيف آباد، سٽي ۽ حيدرآباد ٻهراڙي ۾ سندن ننڍيون وڏيون آباديون به موجود آهن، ان کانسواءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ هو پنهنجا ذاتي گهر خريد ڪري رهن پيا يا وري مسواڙ جي جاءِ تي رهائش اختيار ڪري ويٺل آهن، سرڪاري انگن ۾  رڳو 15 هزار افغانين جو تعداد ڄاڻايو ويو آهي، پر غير قانوني طور تي رهندڙ افغاني جو تعداد حيدرآباد ضلعي ۾ سرڪاري انگن اکرن کان تمام گهڻو وڌيل هجڻ شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي سڄاڻ ڌرين موجب ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ افغانين جو تعداد تمام گهڻو آهي، اهڙي طرح سنڌ جي وڏن شهرن کانسواءِ ننڍن شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ به افغاني وڏي تعداد ۾ آباد آهن، حيدرآباد ڪراچي کانپوءِ سنڌ جو وڏو شهر آهي جتي افغاني وڏي انگ ۾ رهن ٿا، جن پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل به ٺهرائي ورتا آهن، انهن مان وڏي انگ ۾ افغاني شهري هتي سرڪاري ملازمتن ۾ به اچي ويا آهن، جنهن جا ثبوت مختلف وقتن تي سوشل ميڊيا توڙي ميڊيا تي ظاهر ٿيندا رهيا آهن، حيدرآباد ۾ به افغانين جون وڏيون آباديون موجود آهن، اهي افغاني منشيات، اسمگلنگ، غير قانوني ڪاروبار، ڦرن، ڌاڙن ۽ ٻين ڏوهن ۾ پڻ ملوث آهن. حيدرآباد ضلعي ۾ افغانين جو وڏو تعداد هالاناڪي، لطيف آباد جي مختلف يونٽن، قاسم آباد جي مختلف علائقن، گلشن خير محمد، حالي روڊ، نئين پل، پراڻي سبزي منڊي، ٽنڊوڄام، نيون حيدرآباد سٽي، هٽڙي باءِ پاس، ظفر هائوسنگ سوسائٽي، هوسڙي، سائيٽ ايريا، سيري ۽ ٻين علائقن ۾ موجود آهي. ڊي آءِ جي آفيس حيدرآباد جي ذريعن موجب هن وقت تائين حيدرآباد ريجن ۾ اڃا تائين پوليس رڳو 334 افغانين کي گرفتار ڪيو آهي، جن تي صرف 13 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڄامشورو ۾ 2023ع دوران 330 افغاني گرفتار ڪيا ويا، پر اهي گرفتار افغاني گرفتاري کانپوءِ ڪيڏانهن ويا ان بابت ڪا به معلومات ناهي، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته حيدرآباد ضلعي ۾ ڪو به افغاني گرفتار نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي.

افغانين خلاف ڪارروايون شروع ڪيون آهن: حيدرآباد پوليس ترجمان

حيدرآباد: حيدرآباد پوليس جي ترجمان پاران پاران هڪ عام اطلاع جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته غير قانوني طور  تي رهندڙ افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جي خلاف حيدرآباد ضلعي ۾ ڪاررواين جي شروعات ڪئي وئي آهي، پوليس پاران غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين جي خلاف ڇاپا مار ڪاررواين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، عوام کي آگاهه ٿو ڪجي ته ڪو به غير قانوني طور تي رهندڙ افغاني کي پنهنجو گهر، دڪان ۽ ٻي جڳهه نه ڏئي، ٻي صورت ۾ سنڌ عارضي رهائشي ايڪٽ 2015ع تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

حيدرآباد  پوليس غيرقانوني افغانين خلاف ڪارروايون نه ڪيون

حيدرآباد: حڪومت گذريل ڪجهه سالن کان غير قانوني طور تي رهندڙ افغانين سميت ٻين ملڪن جي شهرين کي نيڪالي ڏيڻ جون  ڳالهيون ته ڪندي رهي پر ڪا به موثر ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي، پوليس ڪارروايون نه ڪيون، رڳو حيدرآباد ريجن ۾ هڪ ضلعي کي ڇڏي باقي سمورن ضلعن ۾ غير قانوني طور تي آباد ٻين ملڪن جا شهري آزاد آهن. انگن اکرن موجب حيدرآباد ريجن ۾ 2022ع کان 2023ع تائين حيدرآباد، مٽياري، بدين، دادو، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊومحمد خان ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ هڪ به افغافي شهري کي گرفتار نه ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڄامشورو ضلعي ۾ 330 افغاني گرفتار ڪيا ويا، جن مٿان 9 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون، پر بعد ۾ انهن جو پتو نه پئجي سگهيو، ٺٽي ضلعي ۾ 3 افغافي گرفتار ڪري سندن مٿان 3 ڪيس داخل ڪيا ويا، سجاول ضلعي ۾ رڳو هڪ افغاني کي گرفتار ڪري هڪ ايف آئي آر داخل ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.