ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) ذهني صحت جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پاڪستان ايسوسيئيشن فار مينٽل هيلٿ پاران "ذهني صحت هڪ عالمگير انساني حق آهي” جي عنوان هيٺ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. ڊاڪٽر هارون جي گهر واري انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ انيس هارون تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بنيادي حقن جي ڳالھ ڪجي ته ان ۾ انسان کي نه رڳو جسماني پر ذهني حقن جي به ڳالھ اهم آهي، اها انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي جو پاڪستان ۾ ڪنهن کي کنڀو پيو وڃي، ڪنهن کي بغير جواز گرفتار ڪيو پيو وڃي يا وري گرفتار ٿيل جوابدارن کي تشدد توڙي تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته رياست جو ڪو به ادارو عوام جي ڀلائي ۾ ڪم نه پيو ڪري پر پنهنجي ڀلائي لاءِ پيو ڪري، هن چيو ته پاڪستان ۾ قانون جي گهٽتائي ناهي پر عمل ڪرائڻ ۾ گهٽتائي آهي ڊاڪٽر سيد علي واصف چيو ته اسان کي خواجه سراء ماڻهن سان معذرت ڪرڻ گهرجي جو اسان جو معاشرو هنن کي حق نه پيو ڏئي. هن چيو ته مغلن جي دور ۾ خواجه سراء جو هڪ وڏو ڪردار هوندو هو، هن وقت هنن جي حقن کي اجاگر نه پيو ڪيو وڃي. ڊاڪٽر مظفر حسين چيو ته پاڪستان توڙي صوبي ۾ رهندڙ ذهني مريضن جو علاج ڪرائڻ رياست جي ذميواري آهي. هن چيو ته ذهني مرض لاءِ سنڌ مينٽل هيلٿ ايڪٽ قانون ٺاهيو ويو پر عمل گهٽ هجڻ هڪ ڏک جي ڳالھ آھي. ،خواجه سراء ڊاڪٽر ساره چيو ته اسان جي ذهني حالت ايتري خراب آهي جو جڏهن آءُ ايندي ويندي آهيان ته پاڙي ۾ هر ڪو چوندو آهي ڏسو ڏسو کدڙو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو مون پنجاب جي شهرن توڙي ڪراچيءَ ۾ ڊانس پروگرام شروع ڪيا، آهستي آهستي معاشري مونکي چيڙائڻ شروع ڪيو. خواجه سراء ڪميونٽي جي پهرين وڪيل ايڊووڪيٽ نشا رائو چيو ته مون ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ مسلسل 10 سال پني پيٽ پالڻ سان گڏوگڏ پڙهائي ڪئي ۽ وڪالت حاصل ڪئي. هن چيو ته خواجه سراء سڀ کان وڌيڪ ذهني مرض ۾ مبتلا رهن ٿا، جنهن جو مثال اهو آهي ته آءُ خواجه سراء هجڻ سبب پنهنجي پيءُ جي جنازي ۾ به تذليل جو نشانو بڻيس، هن چيو ته پهريان خدا کان ناراض هيس ته آءُ ايئن ڇو آهيان پر هاڻي معاشري جا مرد ۽ عورتون ڏسي شڪر ٿي ڪيان ته ٽرانس جينڊر آهيان. ڊاڪٽر اجمل مغل چيو ته سينٽرل جيل ڪراچي ۾ 5 هزار قيدين جي جڳھ آهي پر لڳ ڀڳ 8 يا 9 هزار ماڻهو قيد ۾ رکيا وڃن ٿا ۽ ايترو سوڙهو سمهن ٿا جو پاسو ورائڻ به مشڪل هوندو آهي ڪيترائي ماڻهو ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا.ڊاڪٽر فارس مغل چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم، چلان ڪٽجڻ، موبائل چارج نه هجڻ يا انٽرنيٽ پيڪيج ختم ٿي وڃڻ، توڙي گهرن ۾ ڪاڪروچ، ڪرڙي يا ٻارن کي اونداهي جو خوف به ذهن تي اثر انداز ٿئي ٿو.تقريب ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن فار مينٽل هيلٿ جو باني ڊاڪٽر هارون مهمان خاص هو