حيدراباد (پ ر/ رپورٽر) سنڌ جي زمينن جي نيلامي، سامونڊي پٽي تي والار، ڊجيٽل آدمشماري، ڌارين جي يلغار، ڌاڙيل راڄ ۽ درياهه تي سنڌ دشمن ڊيمن جوڙڻ خلاف عوامي تحريڪ پاران سڄي سنڌ ۾ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو لال جروار جي صدارت ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلامي، سامونڊي پٽي تي والار، ڊجيٽل آدمشماري، ڌاڙيل راڄ، مهانگائي ۽ درياهه تي ڊيمن خلاف جدوجهد جو دائرو وڌائيندي 13 آڪٽوبر تي ٽنڊوالهيار ۾ جلسي جو اعلان ڪيو ويو، عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ شينهن رند جو ڏهاڙو ۽ عوامي جلسي عام جو پروگرام 22 آڪٽوبر تي جوهي ۾ ڪيو ويندو، 18 نومبر تي نصيرآباد ۾ جشن لطيف ڪوٺايو ويندو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي لال جروار چيو ته سنڌ سميت ملڪ ماسن لکين غير قانوني غير ملڪين کي فوري طور تي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. افغانين ملڪ جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. پاڪستان کي دهشتگردي جو آکاڙو بڻايو ويو آهي. منشيات، اسمگلنگ، هٿيارن جي وڪري سميت هر غيرقانوني عمل ۾ افغانين جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا آهن. افغاني ملڪ جي سالميت لاءِ خطرو آهن، آدمشماري جا نتيجا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن.