پي ٽي آءِ سميت سڀني سياسي پارٽين جا حق برابر آهن: مرتضيٰ سولنگي

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي، ته پي ٽي آءِ سميت سمورين سياسي پارٽين کي هڪجيترا حق حاصل آهن، اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي برابري جا موقعا فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻائيندا، اسان جو مقصد پنهنجي رياست، شهرين ۽ قومي سرحدن جو دفاع ڪرڻ آهي، ملڪ اندر غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهي ماڻهو 31 آڪٽوبر تائين رضاڪاراڻه طور ملڪ ڇڏي وڃن، 31 آڪٽوبر کان پوءِ اهڙن ماڻهن کي جبري ملڪ بدر ڪيو ويندو، اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ نگران حڪومت جو ڪم ناهي، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي جنهن تاريخ جو اعلان ڪندي، ان تي چونڊون ٿينديون، نيشنل براڊ ڪاسٽرز کي سڄي دنيا ۾ رياست جي سپورٽ  ڪري ٿي اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن We News سان ڳالهائيندي چئي. نگران وفاقي وزير چيو ته نجڪاري نگران حڪومت شروع ناهي ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.