خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو)خيرپور پوليس غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف خاطر خواهه ڪارروائي نه ڪري سگهي علائقي واسين کي خدشا حڪومت پاران غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي نيڪالي واري اعلان باوجود خيرپور پوليس ڪا خاطر خواهه ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهي ان ڏس ۾ ساڃاهه وندن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ضلعي جي مختلف علائقن، خيرپور، ڪنگري سوڀو ديرو، گمبٽ ڪوٽڏيجي فيض گنج، نارو ٺري ميرواهه جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي شڪي ماڻهو ترسيل آهن انهن خلاف جانچ ڪري غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروائي ڪري کين ڦورن نيڪالي ڏني.