ڪراچي (رپورٽر ) ڪورنگي ۾ پوليس جعلي ڊرگ انسپيڪٽر بڻجي ميڊيڪل اسٽور مالڪن کي ڦريندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، عوامي ڪالوني ٿاڻي ۾ ميڊيڪل اسٽور ملازم جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گذريل رات هڪ شخص موٽرسائيڪل تي ڪورنگي نمبر 4 ڪلو چوڪ تي اسان جي ميڊيڪل اسٽور تي آيو. ملازم چيو ته جوابدار ميڊيڪل اسٽور جو لائسنس گهريو ۽ چيو ته پئسا مون وٽ رکو. ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سوالن جا صحيح جواب نه ملڻ تي جعلي ڊرگ انسپيڪٽر کي پوليس حوالي ڪيو ويو، سي سي ٽي وي ۾ پڪڙيل جعلي ڊرگ انسپيڪٽر کي ميڊيڪل اسٽور ٻاهران به ڏسي سگهجي ٿو.
ظالم ڪڏهن کان مظلوم ٿي ويو؟ ڀارتي اداڪاره فلسطين جي حق ۾ ميدان تي اچي وئي
ڪراچي (م ڊ) بالي ووڊ ادڪاره ۽ ماڊل گوهر خان به اسرائيل خلاف فلسطين جي حق ۾ ميدان تي اچي وئي، فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيلي شهرن تي حملن سبب نه صرف اسرائيل پر پوري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، ڇنڇر کان شروع ٿيل حملا هن وقت تائين جاري آهن، حملن سبب سوين اسرائيلي مارجي ويا آهن ۽ سوين زخمي ٿي پيا آهن، اداڪاره گوهر خان فلسطين جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪندي دنيا جو ڌيان ڇڪايو آهي، گوهر خان چيو ته ظالم ڪڏهن کان مظلوم ٿي ويو، ظلم ۽ جبر جي تاريخ کان انڌي دنيا جي لاءِ هاڻ ڏسڻ آسان ٿي ويو آهي.
ايراني صدر جو فلسطيني مزاحمتي تنظيمن جي سربراهن جو رابطو
تهران(م ڊ) ايران جي صدر ابراهيم رئيسي فلسطيني مزاحمتي تنظيمن جي سربراهن سان فون تي رابطو ڪيو آهي.ايراني ميڊيا موجب ايراني صدر حماس ۽ اسلامي جهاد جي اڳواڻن سان الڳ الڳ ڳالهيون ڪيون آهن.تهران مان مليل رپورٽن موجب ان موقعي تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي ٻنهي تنظيمن جي سربراهن سان فلسطين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو.