ڪراچي/ حيدرآباد / سکر (نمائندن وٽان) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي ڌارين جي آبادڪاري، صحافي جان محمد مهر، نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل خلاف، پروفيسر نوتن لعل، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي ۽ ماڙي جلباڻي واقعي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سکر ۾ ادبي سنگت جي سڏ تي ضلعي رابطا سيڪريٽري سردار پيرزادي، شاخ سکر جي سيڪريٽري مجيد نواز مغل، اديبن سچل ڀٽي، عبدالغني مڱري، مالڪ کوسي، يامين ميراڻي، لطيف ڏنو شيخ ۽ زاھد سنڌو، دلبر ڀٽي، گل جوڻيجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، نوابشاهه ۾ به سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو جي اڳواڻي ۾ شيراز چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا مقرر رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، پريالوءِ ۾ به صحافين ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان شهيد جان محمد، فاطمه ڦرڙو ۽ ماڙي جلباڻي جي شهيدن جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي آڊيٽر سجاد ميراڻي ، مکي مڪيش ڪمار صحافي ثناءُالله بلوچ عبدالجبار ميراڻي سرفراز سومرو معروف شيخ آصف ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي ٽنڊو محمد خان ۾ به سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻو مرڪزي خزانچي اعظم ڀٽي، ضلعي رابطا سيڪريٽري آغا جان آغا، شاخ ٽنڊي محمد خان جو سيڪريٽري رفيق آس لغاري، اعجاز علي جسڪاڻي، گل خاصخيلي، مختيار نظاماڻي ۽ ٻين طرفان احتجاج ڪيو ويو، نوشهروفيروز ۾ ساگر يوسف منگي، امجد ميمڻ، محمد ياز راڄپر، جنيد ناز وسطڙو ۽ ٻين طرفان پڻ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻو ۽ جڙيو چانڊيو شاخ طرفان ضلعي رابطه سيڪريٽري استاد گل دايو، لاڙڪاڻي شاخ جي سيڪريٽري خاور قبولائي، جڙيو چانڊيو شاخ جي سيڪريٽري اعجاز سيتائي، زاھد علي جوڻيجو، اعجاز علي سولنگي، علامه الماس عباسي، صداقت علي چانڊيو، مجيد دايو، احمد علي آسي، علي حسنين ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊوآدم پاران پريا ڪماري ۽ نوتن لال جي بازيابي، افغانين جي ڏيهه نيڪالي، شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري، ماڙي جلباڻي ۽ فاطمه ڦرڙو واقعي خلاف ٽنڊوآدم ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سيڪريٽري جنرل ساگر ڏهراج جي اڳواڻي ۾ ٿيل مظاهري ۾ الهداد مري، شبير ڪوريجو، محمد خان پنهور، باغي مجاهد ٿهيم، امداد چانڊيو، ڪامريڊ ڀڳوان داس ڪوهستاني، گل حسن لاکو، زبير ماڪوڙاڻي، عاشق حسين ساند ۽ ٻين خطاب ڪيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته افغانين جي ڪري سنڌ ۾ ڏوھ وڌي ويا آھن، افغانين سوڌو سڀني ڌارين کي پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي، صحافي جان محمد مھر جا قاتل اڃان گرفتار ناھن ڪيا ويا، نينگري فاطما ڦرڙو سان انصاف ڪيو وڃي، ھنن وڌيڪ چيو ته پروفيسر نوتن لعل کي بنياد پرستي سبب ڪوڙي الزام ۾ سزا ڏني وئي آھي جيڪا واپس وٺي کيس آزاد ڪيو وڃي، مختلف شهرن افغانين خلاف ڪارروائي ناهي ٿي سگهي، انهن شهرن ۾ ڪارروايون ڪري ڌارين کي هتان نيڪالي ڏني وڃي.