ڪوٽڙي (ن ع آ) افعانين جي نيڪالي کي يقيني بڻايو، ستاف ڪوٽڙي طرفان احتجاج، افغانين ۽ غير ملڪين جي نيڪالي کي يقيني بڻايو اسٽيشن روڊ کان ستاف اڳواڻ منصور ٻگهيو مھتاب ٻگهيو باسط، آڪاش کونھارو ۽ ذولفقار جانوري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي المدينه چوڪ تي احتجاج ڪيو ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته غير ملڪين خاص ڪري افغانين سبب سنڌ سميت ملڪ مٿان بار آهن جن کي فوري طور پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي هنن چيو ته رڳو اعلان نه پر عمل ڪيو وڃي.