جلسي ۾ گو افغاني گو جا نعرا

حيدرآباد؛ قومي عوامي تحريڪ جي جلسي عام ۾ شريڪ ڪارڪنن مردن توڙي عورتن  “گو افغافي گو” جي نعري سميت سنڌ دشمن منصوبن، سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين، مهانگائي، زرعي جنسن جا اگهه گهٽائڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

جلسي ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران ٽيبلو پيش

حيدرآباد؛ قومي عوامي تحريڪ جي جلسي عام ۾ سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي شاگردياڻين  ٽيبلو پيش ڪيا، جڏهن ته قومي راڳي وڇن سنڌي، خوشبو لغاري، وقار ملاح ۽ ٻين قومي گيت پيش ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

پرويز خٽڪ پاران افغانين کي نيڪالي ڏيڻ جي حمايت

پشاور(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني چيئرمين پرويز خٽڪ نگران حڪومت طرفان غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين  کي نيڪالي ڏيڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. پشاور ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مسلم ليگ (ق) جي صوبائي صدر علامه محمد شعيب پنهنجي ساٿين سميت پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي.ان موقعي تي پرويز خٽڪ غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ بابت چيو ته رڪارڊ کانسواءِ افغانين کي واپس وڃڻ گهرجي، ملڪ تباهه ٿي ويو آهي، هر ماڻهو اچي ٿو ۽ گهمي ٿو.پرويز خٽڪ وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي، مان ڪنهن جي خلاف ناهيان ۽ نه ڪنهن سان مقابلي لاءِ آيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.