محرابپور (رپورٽ عطا حسين سھتو )محرابپور ۾ گو افغاني گو جي سلسي ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي شهيد لالا فھيم ميمڻ چوڪ کان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، شهاب ميمڻ، فقير امداد منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو افغاني پٺاڻن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ريلي ۾ دودل خان نوح پوٽو قاسم علي شيخ سنڌ صحافي سنگت جي مرڪزي وائيس چيئرمين بچل هنڱورو سينيئر صحافي اخلاق جوکيو سينيئر قانوندان امر امتياز سنڌ صحافي اتحاد جي اڳواڻ ظفر تگڙ سرفراز نوناري علي شير سومرو ۽ شهرين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، پنهل ساريو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته افغانين هميشه سنڌين کي جاني مالي نقصان ڏنو آهي سنڌ اندر دهشتگردي ڪري سنڌ جي ڪيترن ئي نوجوانن کي شهيد ڪيو آهي افغاني پٺاڻ سنڌ اندر هر قسم جي منشيات جو ڪاروبار ڪن ٿا جنهن سبب سنڌي نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، جيستائين افغانين کي نيڪالي نه ڏني ويندي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري رهندو هنن وڌيڪ چيو ته معصوم پريا ڪماري کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرايو وڃي